ڪراچي: سنڌ ۾ حڪمران جماعت جي اڳواڻ، خوابن جي بادشاھ طور سڃاتو ويندڙ منظور وساڻ چيو آھي تہ ايم ڪيو ايم ٽئين قوت يعني آسماني قوت آھي کيس جيئن چيو ويندو آھي ايئن بيان ڏيندي آھي پريشر اچڻ تي وري بيان تان ڦري بہ ويندي آھي.
منظور وساڻ چيو تہ 18 ھين ترميم کي ختم ڪرڻ ايترو آسان ناھي ھي رڳو سنڌ جو نہ پر پاڪستان جي مڙني صوبن جو مسئلو آھي، ھن ترميم صوبن کي خودمختياري ۽ پنھنجا وٺڻ جي سگھ بخشي، جيڪڏھن ان ترميم کي ختم ڪري 28 ھين ترميم آڻن ٿا تہ سنڌ سميت ٻين صوبن کي بہ نقصان پھچندو، ايئن کڻي چئجي سڌو سنئون عوام کي نقصان پھچندو.
منظور “ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجہ اظھار الحسن جي ان بيان جنھن ۾ ھن چيو ھو تہ 18 ھين ترميم رڳو 18 وزيرن جي گھرن تائين محدود آھي، ھاڻ 28ھين ترميم اچي پئي جنھن ۾ ايم ڪيو ايم لاءِ وڏي خوشخبري آھي” تي چيو تہ ھي رڳو ايم ڪيو ايم نہ پر سڀني لاءِ نقصانڪار آھي.
پوليس ۾ سياسي مداخلت ناھي
اڳوڻي صوبائي وزير سنڌ ۾ پوليس ۾ سياسي مداخلت بابت سوال تي چيو تہ گھٽ ۾ گھٽ خيرپور ضلعي ۾ پوليس آفيسر سياسي مداخلت ناھن لڳندا، ايس ايس پي خيرپور توڙي ٻيا آفيسر ميرٽ تي مقرر آھن، خيرپور ۾ جيڪي واقعا ٿين ٿا انھن جي ميرٽ جي بنيادن تي جاچ ٿيندي آھي.
ھن چيو تہ ميرٽ مقرر ٿيل ايس ايس پي وري ميرٽ ايس ايڇ اوز مقرر ڪري ٿو، جڏھن سياسي مداخلت ئي ناھي تہ جيڪي واقعا ٿين ٿا انھن جي جاچ ڪرڻ پوليس جو ڪم آھي، امن امان جي صورتحال بھتر بڻائڻ ايس ايس پي جي ذميواري آھي، سنڌ ۾ خيرپور ئي ضلعو آھي جنھن ۾ سياسي مداخلت ناھي
منظور وساڻ چيو تہ اللھ ڪري رمضان شريف خيرن سان گذري ھن مھيني ۾ دھشتگردي گھٽ بہ ٿي سگھي ٿي ۽ وڌي بہ سگھي ٿي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو تہ عمران خان کي اھڙو رستو ملڻ گھرجي جنھن ۾ ان ۽ اسان جو بہ ڀلو ٿئي ۽ پاڪستان جو بہ ڀلو ٿئي..