27ھين ترميم جي منظوري جبري ۽ جعلي ھئي، ترميم کي رد ڪيون ٿا: مولانا فضل الرحمان  

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: جي يو آءِ جي سربراهہ مولانا فضل الرحمان چيو آھي تہ ھو 27هين آئيني ترميم کي مڪمل طور رد ڪن ٿا،  ترميم جي منظوري جبري ھئي، ترميم آڻيندڙ قوتن جي عزت نہ وڌي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو تہ سڀ کان پهريان اسان کي بنيادي مسئلي کي ڏسڻو آهي،  هڪ سال اڳ 26هين ترميم آندي وئي، عدليہ سان لاڳاپيل 26هين ترميم اڃا تائين عدالت ۾ موجود آهي ۽ هاڻي نئين ترميم آندي وئي آهي، جي يو آءِ آئيني عدالت جي حق ۾ هئي۔

هن چيو تہ27هين آئيني ترميم سان نہ دستور ۾ بهتري ايندي ۽ نہ ئي عوامي مفاد جي گھرج پوري ڪندي، 27هين آئيني ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا، حڪومت عدليہ کي مڪمل طور تي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ رکڻ چاهي ٿي۔

ھن چيو تہ اسان آئين جي تحفظ جو حلف کنيو آهي، اپوزيشن ۽ هر مڪتب فڪر کي اعتماد ۾ وٺي آئين ٺاھيو ويو ھو، پيپلزپارٽي بہ جمهوريت جي ابتڙ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پيپلزپارٽي پنهنجي روايتن کي برقرار نہ رکيو۔

جي يو آءِ جي سربراهہ چيو تہ 27هين ترميم ۾ اهڙيون پيچيدگيون آهن، جيڪي عدالت بہ سمجهي نٿي سگهي، ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي تہ سڀني کي ترجيح ڏيو ۽ اعتماد ۾ وٺو، 27هين آئيني ترميم ۾ هڪ تاحيات ڇوٽ ڏني وئي آھي، جنهن آصف علي زرداري کي سالن تائين جيل ۾ رکيو ويو، هاڻي ان تي تاحيات ڪو بہ ڪيس داخل نہ ٿي سگهندو۔

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو تہ 26هين آئيني ترميم گڏيل مشاورت سان اڳتي وڌي ۽ چئي سگهجي ٿو تہ  اها اتفاق راءِ سان منظور ٿي، 27هين ترميم ۾ ھنن جو فرض هو تہ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺن۔

هن چيو تہ 27هين ترميم ۾ اسان کي نظرانداز ڪيو ويو،  بنيادي سبب اهو هو تہ جبري طريقي سان پارٽي مان ماڻهن کي الڳ ڪيو ويو ۽ جعلي طريقي سان انگ پورو ڪيو ويو، ھي سب پارليامينٽ ۽ جمھوري قدرن جي خلاف ٿيو، اھڙي عمل سان حڪومت جي عزت ۾ اضافو نہ ٿيو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں