ڪراچي: جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهہ مولانا فضل الرحمان جي صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو سان اهم ملاقات ٿي آهي۔
پيپلزپارٽي جي ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان وفد سان گڏ بلاول هائوس پھتو، جتي هن صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان 27هين آئيني ترميم بابت اهم ملاقات ٿي۔
ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان سان گڏ مولانا راشد سومرو، مفتي ابرار احمد ۽ ٻيا بہ موجود هئا۔
اڳواڻن ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ 27 ھين آئيني ترميم تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي
ملاقات کان اڳ وفاقي گھرو وزير محسن نقوي بہ صدر آصف علي زرداري سان اھم ملاقات ڪئي …