راولپنڊي: دھشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت 26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ عليمہ خان جا 13ھون ڀيرو ضمانت نہ ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.
راولپنڊي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عليمہ خان سميت 11 جوابدارن خلادف احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران عليمہ خان پيش نہ ٿي، جنھن تي سندس حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪئي وئي.
عدالت عليمہ خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي سندس جا ضمانت نہ ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
پراسڪيورٽر ظهير شاه موجب 38 گواهہ عدالت ۾ پيش ٿي چڪا آهن، انهن جو موقف هو تہ عليمہ خان ڄاڻي واڻي ٻڌڻي ۾ رنڊڪ وجهي رھي آهن.
عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي حڪم ڏنو تہ عليمہ خان کي هر حال ۾ 19 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
عدالت هدايت ڪئي آهي تہ عليمہ خان ۽ سندس ضامنن کي گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي.
ياد رھي تہ عليمہ خان جا ھي 13ھون ڀيرو ضمانت نہ ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آھن….