26ھين آئيني ترميم، جيستائين نئين قانونسازي نہ ٿي ٿئي موجودھہ قانون تي ئي ڀاڙڻو پوندو:سپريم ڪورٽ

فہرستِ مضامین

سپريم ڪورٽ ۾ 26ھين آئيني ترميم کي چيلينج ڪرڻ وارين درخواستن تي 8 رڪني ٻڌڻي ڪئي آھي، جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏيندي چيو تہ جيستائين آئين ۾ وڌيڪ ترميم  نہ ٿي ٿئي تيستائين موجودھ آئين تي ئي عمل ڪرڻو پوندو.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين جي سربراھي ۾ 8 رڪني آئيني بينچ 26ھين آئيني ترميم کي چيلينج ڪرڻ واري مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي يوٽيوب چينل تي سڌي ريت ڏيکاري وئي۔

بئنچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشہ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس شاهِد بلال شامل هئا ۔

ايڊووڪيٽ حامد خان دليلن جي شروعات ڪندي موقف اختيار ڪيو تہ ڇويهين ترميم رات جي وقت پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي وئي، جنھن تي جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا تہ پهرين بئنچ جي ٺهڻ بابت معاونت ڪريو، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سٺو ٿيو يا خراب، ان جي ميرٽس کي في الحال ڇڏي ڏيو۔

حامد خان چيو ته آئون ميرٽس تي نٿو وڃان، صرف ڪجهہ حقيقتون بيان پيو ڪريان، اسان چاهيون ٿا تہ هي ڪيس فل ڪورٽ ٻڌي، اهڙي فل ڪورٽ جيڪا 26هين ترميم وقت هئي، ان حساب سان سورنھن رڪني بئنچ ٺاهي وڃي، موجوده بئنچ جا سڀ جج بہ ان وقت موجود هئا، استدعا آهي تہ باقي اٺ جج به شامل ڪيا وڃن۔

جسٽس مندوخيل پڇيو تہ ڇا توھان متفق آهيو تہ ھن وقت 26هين ترميم جو حصو آهي يا نہ؟حامد خان جواب ڏنو تہ جيڪڏھن فل ڪورٽ اها ترميم ڪالعدم قرار ڏئي تہ اها پهرين ڏينهن کان ختم تصور ٿيندي۔

جسٽس امين الدين چيوتہ جيسين اها ڪالعدم قرار نہ ٿئي تيسين اها آئين جو حصو آهي نہ؟ ان وقت توهان کي دليل انهيءَ ترميم کي آئين جو حصو سمجهي ڏيڻا پوندا۔

جسٽس مندوخيل چيو تہ توھان انهيءَ ترميم تحت ٺهيل بئنچ اڳيان آيا آهيو، جسٽس مسرت هلالي چيو ته اڃا تائين اها ترميم معطل ناهي ڪئي وئي۔

لاهور بار ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيل حامد خان روسٽرم تي اچي فل ڪورٽ جي ٺهڻ بابت دليل شروع ڪيا ۽ چيو ته ڇويهين آئيني ترميم غير ضروري تڪڙ ۾ منظور ڪئي وئي، 20 آڪٽوبر 2024 جي شام تي اها ترميم پهرين سينيٽ ۾ پيش ٿي، ۽ 20 ۽ 21 آڪٽوبر جي وچ واري رات قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي۔

جسٽس امين الدين چيو تہ خان صاحب، هي تہ بئنچ جي ٺهڻ بابت دليل ناهن، توهان پهرين انهيءَ تي دليل ڏيو، جڏهن مرڪزي ڪيس ٻڌبو ته تڏھن انهن ڳالهين تي بحث ٿيندو۔

حامد خان چيو تہ هي تمام اهم معاملو آهي، آئيني ترميم جي منظوري جو طريقيڪار بيان پيو ڪريان۔

جسٽس جمال مندوخيل چيو تہ چڱو، اسان مڃون ٿا ته هي انتهائي اهم معاملو آهي، توهان بئنچ جي ٺهڻ تي دليل ڏيو۔

جسٽس امين الدين وري چيو تہ اسان آئين تي ڀاڙيون ٿا، وڪيل بہ آئين تي ڀاڙين ٿا، جيسين آئين ۾ ترميم نه ٿئي، تيسين موجوده آئين تي ئي عمل ڪرڻو پوندو۔

جسٽس مسرت هلالي چيو ته ڇويهين آئيني ترميم صحيح آهي يا غلط، في الحال عدالت ان کي معطل ناهي ڪيو، توهان بہ ان کي آئين جو حصو سمجهي ئي ان کي چيلنج ڪيو آهي۔

جسٽس محمد علي مظهر حامد خان کي هدايت ڪئي تہ في الحال مرڪزي ڪيس نہ ٻڌي رھيا آهيون، فقط فل ڪورٽ جي درخواست تي دليل ڏيو۔

وڪيل حامد خان چيو تہ في الحال مان ان ڳالهه تي نٿو وڃان تہ ڇويهين آئيني ترميم جا نُڪتا ڪيئن آئين جي خلاف آهن، پر آئيني اثرن بابت ٻڌائڻ ٿو چاهيان۔

حامد خان چيو تہ ڇهويهين  آئيني ترميم کان پوءِ بينچ ٺاهڻ جو اختيار پهريون ڀيرو چيف جسٽس کان واپس ورتو ويو آهي، ان ۾ بينچ ٺاهڻ جو نئون طريقو بيان ڪيو ويو آهي۔

وڪيل چيو تہ ترميم کان اڳ بہ جوڊيشل ڪميشن موجود هئي، ڇويهين  ترميم ان جي جوڙجڪ تي اثر وڌو ۽ ان ۾ جج اقليت ۾ اچي ويا۔

جسٽس امين الدين چيو تہ مسئلو اهو آهي تہ اڃا تائين اهو طئي ئي ناهي ٿيو ته ڪهڙو بئنچ ڪيس ٻڌندو، پوءِ اسان فل ڪورٽ ڪيئن ٺاهي سگهون ٿا؟

جسٽس عائشہ ملڪ چيو تہ جوڊيشل آرڊر سان فل ڪورٽ ٺاهڻ تي ڪا پابندي ناهي، 26هين ترميم ۾ ڪٿي لکيل آهي تہ اهڙو آرڊر نٿو ٿي سگهي؟ عام ڪيسن ۾ ٿيندو رھيو آهي تہ پوءِ هن ۾ ڇو نہ؟

جسٽس نعيم افغان چيو ته حامد خان صاحب، توھان پنهنجي استدعا ۾ اهو لکيو ئي ناهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان اسان کي آئين جي متن مان ٻڌايو ته اسان فل ڪورٽ جو حڪم ڪيئن جاري ڪريون؟ ڇا آرٽيڪل 187 استعمال ڪري سگهجي ٿو؟

حامد خان چيو ته ها، عدالت اهو اختيار آرٽيڪل 187 تحت استعمال ڪري سگهي ٿي۔

جسٽس مندوخيل چيو تہ جيڪڏهن اسان توھان جي ڳالهه مڃي سڀ جج آئيني بئنچ جو حصو بڻايون ته توھان مطمئن ٿيندئو؟

حامد خان چيو تہ آئيني بئنچ جو تصور توھان نہ، پر 26هين ترميم ڏنو آهي،

جسٽس مندوخيل چيو تہ اسان نہ، پارليامينٽ ڏنو آهي، اسان تي نہ وجھو۔

حامد خان چيو ته ٿوري دير لاءِ آرٽيڪل 191اي کي وساري ڇڏيو۔

جسٽس محمد علي مظهر چيو تہ جيڪڏھن وساري ڇڏيو تہ پوءِ آئيني بئنچ ئي ختم، پوءِ اسان هتي ڇو ويٺا آهيون؟

جسٽس امين الدين چيو تہ جيڪڏهن اسان اهو وساري ڇڏيون تہ پوءِ سپريم ڪورٽ جو وجود ئي ختم ٿي وڃي، پوءِ اسان حڪم ڪيئن جاري ڪري سگهون ٿا؟

وڪيل حامد خان جا دليل جاري هئا ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائي ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں