ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پنھنجي ڪابينا جي ٽن ميمبرن کي ٽن يونيورسٽيز جو پرو چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو، جنھن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.
يونيورسٽيز ۽ بورڊز جي سيڪريٽري عباس بلوچ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب تعليم وارو صوبائي وزير سيد سردار شاھ جنرل يونيورسٽيز جو پرو چانسلر ھوندو.
آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو کي انجنيئرنگ يونيورسٽي جو پرو چانسلر مقرر ڪيو ويو آھي، جڏھن ته گھرو، قانون ۽ پارلياماني مامرن وارو صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار لا يونيورسٽيز جو پرو چانسلر ھوندو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ زرعي ۽ ميڊيڪل يونيورسٽيز جو ذڪر ناھي ڪيو ويو ته انھن جو پرو چانسلر ڪير ھوندو؟
يونيورسٽيز بابت قانون
تعليمي ماھر محمد قاسم راڄپر ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو ته يونيورسٽيز ۾ صوبائي وزير جي پرو چانسلر طور مقرري معمول جو ڪم آھي، يونيورسٽيز جو چانسلر يعني وڏو وزير پنھنجي ڪابينا جي ڪنھن به ميمبر کي پرو چانسلر مقرر ڪري سگھي ٿو.
محمد قاسم راڄپر موجب 1972 ۾ سنڌ ۾ رڳو 3 يونيورسٽيز ھيون، جن ۾ سنڌ يونيورسٽيز، اين اِي ڊي ۽ ڪراچي يونيورسٽيز شامل آھن، جن جو چانسلر گورنر ھوندو ھوندو ۽ ان وقت بھ پروچانسلر تعليم وارو وزير ئي ھوندو ھو.
ھن وڌيڪ ٻڌايو تھ 2018 ۾ سنڌ حڪومت قانون ۾ ترميم ڪئي ھئي، جنھن تحت يونيورسٽيز جو چانسلر گورنر بدران صوبي جي وڏي وزير کي مقرر ڪيو ويو ھو.
محمد قاسم راڄپر جو چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت پاران 2018 ۾ ڪيل قانونسازي ۾ رڳو لفظ گورنر تبديل ڪري چيف منسٽر يعني ( وڏو وزير) لکيو ويو ھو، جڏھن ته قانونسازي ۾ اھو بھ لکيو ويو ھو چانسلر پنھنجي ڪابينا ۾ شامل ڪنھن به ميمبر کي يونيورسٽيز جو پرو چانسلر مقرر ڪري سگھي ٿو.
محمد قاسم راڄپر موجب صوبائي وزيرن کي يونيورسٽيز جو پروچانسلر مقرر ڪرڻ حيرت جوڳي ڳالھه ناھي، سنڌ حڪومت ماضي کان ھلندڙ قانون تحت ئي مقرري ڪيون آھن، ماضي ۾ 3 يونيورسٽيز ھونديون ھيون، ھاڻي يونيورسٽيز وڌي ويون آھن، ان ڪري وڏي وزير يعني يونيورسٽيز جي چانسلر پنھنجا پرو چانسلر مقرر ڪيا آھن.
يونيورسٽيز بابت قانون ۾ ترميم
9 مارچ 2018 ۾ سنڌ حڪومت صوبائي اسيمبلي ۾ ( سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽيوٽ لاز) ترميمي بل 2018 ايوان ۾ پيش ڪيو، جنھن تحت وڏي وزير کي پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز جو چانسلر بڻائڻ جي سفارش ڪئي وئي ھئي
اھڙي بل جي منظوري 10 مارچ 2018 تي ڏني وئي ھئي، جنھن بعد گورنر بدران سنڌ جو وڏو وزير يونيورسٽيز جو چانسلر بڻجي ويو ھو، بل جي جي منظوري سان گورنر جا اختيار بھ محدود ٿي ويا ھئا.
قانون ۾ ترميم کانپوءِ انتظامي اختيار جھڙي ريت وائس چانسلر جي مقرري، پرو وائس چانسلر مقرر ڪرڻ ۽ ڊائريڪٽر فنانس جھڙن اھم عھدن جي مقرري جا اختيار گورنر کان وڏي وزير وٽ منتقل ٿي ويا ھئا.
بيورو ڪريٽ به چانسلر ٿي سگھندو
ڊسمبر 2024 ۾ سنڌ اسيمبلي صوبائي ڪابينا پاران منظور ڪيل ( جامعات ايڪٽ ترميمي بل 2025) جي منظوري ڏني ھئي، جنھن تحت ڪو بھ بيورو ڪريٽ سرڪاري يونيورسٽي ۾ وائس چانسلر ( وي سي) مقرر ٿي سگھي ٿو.
اھڙو بل منظور ٿيڻ کان اڳ يونيورسٽيز ۾ رڳو پي ايڇ ڊي جِي ڊگري رکندڙ سينيئر استاد کي ئي وائس چانسلر مقرر ڪيو ويندو ھو، اھو ئي اصول سموري دنيا ۾ به لاڳو ٿيل آھي.
سنڌ حڪومت ان قانون ۾ ترميم ڪئي ھئي، جنھن تحت 21 ھين گريڊ جو سرڪاري بيورو ڪريٽ سرڪاري يونيورسٽي جو وائس چانسلر ٿي سگھي ٿو، وي سي ٿيڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڊگري جي شرط بھ ختم ڪئي وئي ھئي.
سنڌ حڪومت جي بيورو ڪريٽ کي يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ڪرڻ واري قانونسازي تي اپوزيشن جماعتن توڙي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻھن تنقيد پڻ ڪئي ھئي.