خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباھي بعد متاثرن جي بحالي وارو عمل جاري آھي، دنيا جي مختلف ملڪن متاثرن جي مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
برطانيا طرفان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ 13 لک 30 هزار پائونڊ (50 ڪروڙ پاڪستاني رپيا) امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
برطانوي ھاءِ ڪمشنر جين ميرٽ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو تھ برطانيھ ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري پروگرام تحت پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪندو، پنجاب، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا جي ستن متاثر ضلعن ۾ 2 لک 23 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي مدد ڏني ويندي.
برطانوي ھاءِ ڪمشنر جو چوڻ ھو تھ برطانيا جي هيءَ مدد هنگامي امداد ۽ بحاليءَ جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي رھي آھي، جنھن ۾ راشن جي فراهمي، سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن، موبائل ميڊيڪل ڪيمپس، پيئڻ جي پاڻيءَ جي نظام جي بحالي شامل آهي.
ٻئي پاسي مختلف عالمي تنظيمن طرفان بھ بونير ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي پئي وڃي، اھي تنظيمون راشن، صاف پاڻي ۽ ٻيو سامان فراھم ڪري رھيون آھن.
پاڪستان ۾ ھاڻوڪين برساتن ۾ گھڻا ماڻھو فوت ٿيا آھن؟
سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ھاڻوڪين برساتن بعد 600 کان وڌيڪ ماڻھو فوت ٿي چڪا آھن، جڏھن تھ 229 ڄڻا زخمي بھ ٿيا، جيڪي مختلف اسپتالن ۾ علاج ھيٺ آھن، اين ڊي ايم اي جوچوڻ آھي تھ برساتن دوران خيبرپختونخوا ۾تمام گھڻي تباھي آئي، فوتين ۾ 171 ٻارڙا، 91 عورتون ۽ 392 مرد شامل آھن، 657 مان 390 ڄڻا رڳو ڪي پي ۾ فوت ٿيا آھن.
موسمياتي تبديلي
پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آھي، موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان ۾ 2022 ۾ وڏي ٻوڏ آئي، جنھن ۾ ڪيترائي ماڻھو فوت ٿيا ۽ لکين پنھنجا گھر وڃائي ويٺا، ھلندڙ سال 2025 ۾ بھ موسيماتي تبديلي سبب برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو، سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪي پي جي بونير واري علائقي ۾ ٿيو، جڏھن تھ گلگت ۾ بھ برساتن سبب ڪيترائي ماڻھو بي گھر ٿيا آھن.
ٻوڏ متاثرن جي بحالي
پاڪستان لاءِ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ھڪ چئلينج طور سامھون اچي رھي آھي، ڇو تھ موسمياتي تبديلي سبب ھر سال حد کان وڌيڪ برساتون پون ٿيون، پاڪستاني حڪومت جو موقف آھي تھ پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آھي، تنھنڪري دنيا سندن مدد لاءِ سامھون اچي، وزيراعظم شھباز شريف جو موقف آھي تھ موسمياتي تبديلي کي منھن ڏيڻ لاءِ ھن وقت کان ئي تياري ڪرڻي پوندي، لاھور ۾ ھڪ تقريب کي خطاب دوران شھباز شريف چيو تھ ھو سال 2022 واري ٻوڏ جي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رھيا ھئا تھ وري ھن وقت ھي تباھي آئي آھي، تنھن ڪري کين ھاڻي کان موسمياتي تبديلي کي منھن ڏيڻ لاءِ تياري ڪرڻي پوندي…