اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) دعويٰ ڪئي آهي تہ 2025 ۾ نيب 6 کھرب روپين کان وڌيڪ اوڳاڙي ڪئي آهي.
نيب جي ڊپٽي چيئرمين سهيل ناصر ڪارڪردگي بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو تہ ڪوھستان اسڪينڊل 40 ارب تائين پهچي چڪو آهي، جنهن مان 6 ارب جي اوڳاڙي ٿي چڪي آهي، ڪوھستان اسڪينڊل ۾ رقم کي ڀتين ۽ پينٽ جي ڊٻن ۾ لڪائي رکي وئي ھئي.
ڊي جي آپريشنز نيب ٻڌايو تہ ڪوھستان اسڪينڊل ۾ 26 ارب سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا آهن، هاڻي نيب کي هراساڻ ڪرڻ جو معاملو ختم ڪيو ويو آهي، هاڻي بيوروڪريسي آزادي سان فيصلو ڪري رھي آهي ۽ جيڪڏھن ڪو غلط الزام لڳائيندو تہ الزام لڳائيندڙ کي سزا ملندي۔
هن چيو تہ انڪري شڪايت اچڻ تي سڃاڻپ کي ڳجھو رکيو ويو ويندو آهي، بزنس مين، پارليامينٽ ميمبر ۽ بيوروڪريسي لاءِ خاص طريقيڪار اپنايو ويو آھي، ڪجهہ شڪايتون لاڳاپيل ادارن ڏانهن موڪليون وينديون آهن۔
ڊي جي آپريشنز نيب عبدالمجيد جو چوڻ هو تہ رڳو شڪايت جي بنياد تي ميڊيا ٽرائل جو خاتمو ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ جي ميمبرن بابت شڪايتن لاءِ اسيمبلي اسپيڪرز جي تحت سهولت سيل قائم ڪيا ويا آهن، شفافيت لاءِ پهريون جواب اسپيڪر طرفان ايندو آهي…..