راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس انساني عضون جي غيرقانوني پيوندڪاري ۽ ماڻھن جا جبري طور گردا ڪڍي کپائڻ ۾ ملوث گينگ جا 4 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.
پوليس جو چوڻ آھي تھ گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان غير قانوني پيوند ڪاري ۾ استعمال ٿيندڙ سامان بھ ھٿ ڪيو ويو، جوابدارن پاڪستاني توڙي پرڏيھي ماڻھن لاءِ گردا وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آھي.
ايس پي راولپنڊي ولي پوليس جي پيج تي پوسٽ ڪيل پنھنجي وڊيو بيان ۾ ٻڌايو آھي تھ پوليس کي ون فائيو تي اطلاع مليو تھ ھڪ گھر مان ڪنھن جي دانھون ڪرڻ جا آواز اچي رھيا آھن.
نوڪريءَ جو ڏٽو ڏئي گــُردو ڪڍڻ جي ڪوشش
ايس پي موجب پوليس فوري ڪارروائي ڪندي جڏھن ذڪر ڪيل گھر ۾ پھتي تھ ھڪ شخص اسٽريچر تي رسين سان ٻڌل نظر آيو، جنھن کي آزاد ڪرايو ويو ۽ اتي موجود 2 جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو.
ايس پي ولي چيو تھ متاثر شخص ٻڌايو تھ کيس نوڪري جو ڏٽو ڏئي گھرايو ويو ھو ۽ ڪا نشي واري دوا ڏئي بيھوش ڪيو ويو، متاثر شخص موجب کيس ٻن ڏينھن تائين مختلف ھنڌن تي رکي رت جي ٽيسٽ ۽ ٻيون چڪاسون ڪرايون ويون.
پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف داخل ڪرايل ڪيس ۾ چيو ويو آھي تھ متاثر شخص کي بيھوش ڪرڻ جو مقصد آپريشن ڪري سندس گردو ڪڍڻ ھو، جيڪو بعد ۾ لکين روپين ۾ وڪرو ڪيو وڃي ھا.
ايس پي موجب پوليس جي بروقت ڪارروائي سبب ھڪ شخص خطرناڪ غير قانوني پيوندڪاري کان بچي ويو، گرفتار ڪيل جوابدارن جي نشاندھي تي وڌيڪ 2 جوابدار بھ گرفتار ڪيا ويا.
ايس پي ولي چيو تھ انساني عضوا وڪرو ڪندڙ گينگ جي ٻين ڪارندن ۽ سھولتڪارن کي بھ جلد گرفتار ڪيو ويندو، گرفتار ڪيل چئن جوابدارن کان پڇاڳاڇا جاري آھي، وڌيڪ گرفتاريون ٿيڻ جا امڪان آھن.
ايس پي ولي موجب شھرين جا غير قانوني طور گردا ڪڍڻ وارا آپريشن ڪرائي جي ھڪ گھر ۾ ٿي رھيا ھئا، ھن شھرين کي اپيل ڪئي تھ ھو پنھنجا گھر ڪرائي تي ڏيڻ وقت احتياط کان ڪم وٺن ۽ پوليس وٽ تفصيل ضرور جمع ڪرائين.
شيخوپورھ ۾ به گـُردن جي غيرقانوني پيوندڪاري جو ڪاروبار

چار ڏينھن اڳ پنجاب جي شھر شيخوپورھ ۾ بھ انساني گردن جي غير قانوني پيوندڪاري ۾ ملوث ھڪ گروھ کي گرفتار ڪيو ويو ھو.
پنجاب ھيومن آرگن ٽرانسپلانٽيشن اٿارٽي ۽ ٻين ادارن ھڪ نجي اسپتال تي ڇاپو ھڻي غير قانوني پيوندڪاري ۾ ملوث گروھ جي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو ھو.
ڇاپي وقت گينگ جا ماڻھو ھڪ مقامي شھري جو گردو ڪڍي ھڪ آفريقي شھري کي لڳائي رھيا ھئا. اٿارٽي موجب آفريقي شھري کان پيوندڪاري لاءِ 70 لک روپيا ورتا ويا ھئا، جڏھن تھ گردو ڏيندڙ شھري کي ادائگي نھ ڪئي وئي ھئي.
اٿارٽي جي ڇاپي دوران ڊاڪٽر وقاص مصطفيٰ سميت 2 عورتن، آپريشن ٿيٽر ٽيڪنيشنز ۽ ايجنٽس کي گرفتار ڪيو ويو.
پنجاب ھيومن آرگن ٽرانسپلانٽيشن اٿارٽي موجب انساني عضون جي غيرقانوني پيوند ڪاري ۾ ملوث عطائي ڊاڪٽر نسيم گرفتار نھ ٿي سگھيو، جنھن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن.