سکر ۾ سينيئر پروفيسر ڊاڪٽر ڪرپال داس تي فائرنگ

فہرستِ مضامین

رپورٽ: حيدر ميراڻي

سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ واقع سکر بئراج وٽ اڻڄاتل هٿياربندن سينيئر پروفيسر ڊاڪٽر ڪرپال داس جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني ، جنهن جي نتيجي ۾ ساڻس گڏ ويٺل ٽيڪنيشن وزير علي بوهڙ موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر ڪرپال داس معجزاڻي طور محفوظ رھيو.

پوليس موجب ڊاڪٽر ڪرپال داس سکر کان خيرپور ڏانهن سفر ڪري رهيو هو ته رستي ۾ سکر بئراج ڀرسان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن  سندس گاڏيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، گاڏي نھ بيھارڻ تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ ساڻس گڏ گاڏيءَ ۾ موجود ٽيڪنيشن وزير علي زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ويو.

پوليس موجب واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. هٿياربندن جي سڃاڻپ لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد وٺڻ سان گڏ  اکين ڏٺن شاهدن جا بيان ورتا پيا وڃن. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو مقصد ڦر مزاحمت يا ذاتي دشمني ٿي سگھي ٿي، ان حوالي سان مختلف رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڪنھن سان دشمني ناھي

ڊاڪٽر ڪرپال داس، جيڪو هڪ سينيئر ميڊيڪل پروفيشنل طور سڃاتو وڃي ٿو، واقعي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي،  نه ئي کيس ڪنهن ڌمڪي ڏني ھئي.

ان واقعي بعد سکر ۽ خيرپور جي ميڊيڪل اسٽاف احتجاجي مظاھرا ڪري نعريبازي ڪئي ۽ فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي گھر ڪئي.

ڳوٺاڻن ۽ ساٿين پاران مارجي ويل ٽيڪنيشن لاءِ دعا مغفرت ۽ ڊاڪٽر ڪرپال لاءِ همدرديءَ جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جلد ملزمن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں