133 افغان طالبان مارجي ويا آھن ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن: عطا تارڙ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو آھي تہ فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ افغان طالبان رجيم جا 133 ويڙھاڪ مارجي ويا آھن ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن

اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو آهي تہ پاڪ فوج جي جوابي ڪاررواين ۾ افغان طالبان رجيم جا 133 ويڙھاڪ مارجي ويا  آھن ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن

هن چيو تہ ڪابل، پڪتيا ۽ قنڌار ۾ فوجي هدفن تي حملن سبب وڌيڪ جاني نقصان جو امڪان بہ ٿي سگهي ٿو۔

عطا تارڙ موجب پاڪ فوج افغان طالبان جون 27 چوڪيون تباهہ ڪيون ۽ 9 چوڪيون قبضي ۾ وٺي ڇڏيون آھن

وفاقي وزير موجب جوابي ڪارروائي دوران 2 ڪور هيڊڪوارٽرز، 3 بريگيڊ هيڊڪوارٽرز، ھٿياربندن جي ٻن ڊپو، ھڪ لاجسٽڪس بيس، 3 بٽالين ھيڊڪوارٽرز ۽ 2 سيڪٽر ھيڊڪوارٽرز تباھ ڪيا ويا آھن

جڏھن تہ 80 کان وڌيڪ ٽينڪس، توپخانا ۽ بڪتربند گاڏيون پڻ تباھ ڪيون ويون آھن

هن وڌيڪ چيو تہ افغان طالبان جي بناجواز جارحيت جو ڀرپور ۽ مضبوط جواب ڏنو ويو، ھٿياربند فوج پيشوراڻي مھارت سان وطن جو دفاع يقيني بنايو، پاڪستاني ردعمل کانپوءِ افغان طالبان بي يقيني  جو شڪار ٿي ويا آھن ۽ سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز جو سھارو ورتو ويو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں