لائیو ھڪ ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ايراني وطن جي دفاع ۾ جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار آھن: مسعود پزشڪيان

فہرستِ مضامین

ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آھي تہ ھڪ ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ايراني وطن جي دفاع ۾ رضاڪاراڻي طور تي جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار ھجڻ جو اعلان ڪري چڪا آھن.

ايڪس تي ٽوئيٽ ڪندي ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ھو پاڻ بہ ايران لاءِ قرباني ڏيڻ وارن ۾ شامل آھي ۽ رھندو.

ياد رھي تہ ايران عارضي جنگبندي رد ڪندي پنھنجا مطالبا پيش ڪري ڇڏيا آھن.

ايران عارضي جنگبندي جي رد ڪندي تڪرار جو مستقل خاتمو، پابندين جو خاتمو ۽ حملن ۾ ٿيل نقصانن جو ازالو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

ٻئي پاسي ايران آمريڪي تجويز تي پنھنجو رد عمل پاڪستان ڏانھن اماڻي ڇڏيو آھي ۽ سينيئر ايراني عھديدار پاڪستان پاران جنگبندي جي تجويز ملڻ جي تصدق بہ ڪئي آھي.

ٻئي پاسي ڪجھ دير اڳ ايران جي گھرو وزير جو بيان سامھون آيو ھو جنھن ۾ ھن دعويٰ ڪئي ھئي تہ ھڪ ڪروڙ 20 لک ايرانين آمريڪا ۽اسرائيل خلاف وڙھڻ لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو آھي.

ايراني گھرو وزير جو چوڻ ھو تہ 10 ڏينھن پھرين عوام کي چيو ويو ھو تہ ھو ملڪ جي خودمختياري يقيني بڻائڻ لاءِ ايراني فوج ۾ شامل ٿين، جنھن تي ڀرپور ردعمل سامھون آيو آھي ۽ 12 ملين ماڻھن 10 اندر پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي چڪا آھن ۽ ھي سلسلو جاري آھي.

ايراني ميڊيا ان سلسلي ۾ ھڪ ويڊيو بہ جاري ڪيو آھي جنھن ۾ سيستان ايران سان تعلق رکندڙن کي ايران لاءِ وڙھڻ خاطر تيار ڪندي ڏيکاريو ويو آھي………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں