ڪراچي: سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي تہ سنڌ حڪومت سڀني کاتن جي خريداري ۽ سرڪاري ڪم اي-ٽينڊرنگ ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير هن پاليسي جو اعلان ڪيو آهي، هاڻي سڄي سنڌ ۾ سرڪاري خريداري ۽ سرڪاري ٽينڊر، اهي ادارا جن کي ڇوٽ حاصل ھُئي، اُنھن جي ڇوٽ ختم ڪئي وئي آھي، هاڻي سموري خريداري ۽ سرڪاري ٽينڊر صرف اي-ٽينڊرنگ ذريعي ڪيا ويندا.
سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي، سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اي-پيڊ ۽ اي-ٽينڊرنگ ذريعي سڀني سرڪاري کاتن ۾ شفافيت کي وڌيڪ ھٿي ملندي.
هن چيو تہ ٽيڪنالاجي جي ترقي مان لاڀ ماڻڻ گھرجي ۽ اهڙا سڀئي رستا بند ڪيا وڃن جيڪي ڪنهن بہ قسم جي بدعنواني جو سبب بڻجي سگهن ٿا، سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي تہ سنڌ جي سڀني کاتن ۾ خريداري صرف اي-پيڊ ۽ اي-ٽينڊرنگ ذريعي ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو تہ ان قدم سان شفافيت وڌندي، عوام جو پئسو بچندو ۽ بدعنواني کي روڪڻ ۾ مدد ملندي، حڪومت جو هي فيصلو فوري طور تي لاڳو ٿي چُڪو آھي ۽ اڄ کان پوءِ سمورا ٽينڊر اي-ٽينڊر ذريعي ٿيندا.
هڪ سوال جي جواب ۾، سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو تہ هن وقت عمران خان جي خاندان جا ماڻهو ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏئي رهيا آهن ۽ پاڪستان خلاف سازشن جو حصو بڻجي رھيا آهن.
هن چيو تہ پاڪستان خلاف ڀارت جا سدائين ناپاڪ ارادا رھيا آهن ۽ پاڪستان جي فوجن جنگ ۾ ڀارت کي زبردست شڪست ڏني آهي.
هن وڌيڪ چيو تہ پي ٽي آءِ جا ماڻهو ڀارتي ميڊيا ذريعي پروپيگنڊا مهم هلائي رھيا آهن، پر پاڪستان پيپلزپارٽي جمهوري روايت کي برقرار رکڻ چاهي ٿي ۽ چاهي ٿي ته ڪا به پارٽي ريڊ لائين پار نہ ڪري.
شرجيل ميمڻ چيو تہ پيپلز پارٽي مارشل لا سان وڙھي ۽ پارٽي قيادت جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، پي ٽي آءِ جي باني جي پارٽي ڪڏھن بہ مارشل لا جو شڪار نہ ٿي، انهن کي ڪڏھن بہ سخت سزائون نہ مليون، پر پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ملڪ خلاف سازش ڪرڻ کان سواءِ سختيون برداشت ڪيون.
هن چيو تہ شهيد ڀٽو کي عدالتي طور تي قتل ڪيو ويو، شهيد بي بي کي شهيد ڪيو ويو ۽ صدر آصف علي زرداري کي بنا ڪنهن ڏوھ جي 12 سال قيد ڪيو ويو، اسان سڀ کان وڌيڪ ظلم برداشت ڪيا پر اسان ڪڏھن به ملڪ ۽ ان جي ادارن خلاف سازش نہ ڪئي. جيڪڏھن ڪو بہ پرڏيهي هينڊلرز يا ميڊيا ذريعي پنهنجي ملڪ ۽ ادارن خلاف سازشون ڪندو ته اسان ان جي مذمت ڪنداسين.
هڪ سوال جي جواب ۾، سينئر وزير چيو تہ هر انساني زندگي قيمتي آهي، ڪراچي ۾ نيپا چورنگي تي واقعو دل کي ڏکائيندڙ ۽ افسوسناڪ هو، جيڪو بہ قصوروار آهي يا جنھن بہ غلطي ڪئي آهي، ان کي سزا ملڻ گهرجي، وڏي وزير فوري ڪارروائي ڪئي ۽ ڪوتاھي ۾ ملوث ماڻهن کي معطل ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو تہ ڪالهہ اسان سڀني کي سنڌي ثقافت جي ڏينهن تي مبارڪباد ڏني، هر ڪنهن کي پنهنجي ثقافت ملهائڻ جي آزادي آهي، پر ڪنهن کي بہ قانون کي پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ جي اجازت ناهي……….