ڪراچي ( رپورٽ: شبير لاشاري ) سنڌ ڪابينا ھيڊ ماسٽرز ۽ مختيارڪارن کي مالي اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، مختيارڪار زمين جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ 2 لک رپيا خرچ ۽ 34 ھزار اسڪولن جا ھيڊ ماسٽرز سرڪاري فنڊ خرچ ڪري سگھندا.
وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا، جنھن تحت 13 دھشتگردي ٽوڙ عدالتن کي منشيات جا ڪيس ھلائڻ لاءِ خاص عدالت طور ٻيھر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ان کان علاوہ ثقافت ۽ سياحت کاتي کي سنڌي ٻولي، آڳاٽن آثارن، فلم سينسر ۽ عالمي پروموشن جا اختيار ڏنا ويندا، ٺٽي ۾ نئون ڊسٽرڪٽ جيل ۽ سڌارا مرڪز قائم ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ سان گڏ ٽرانسپورٽ سيفٽي لاءِ سنڌ ۾ 10 ھيوي وھيڪل فٽنيس سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ کاتن ۾ مربوط ڪوششن کي ساراهيو ويو. اجلاس ۾ مالي نظام، سڌارن، عدالتي عمل، ثقافتي واڌاري، زراعت جي نگراني، ٽيڪسيشن سڌارن ۽ روڊن جي حفاظت بابت وڏين سڌارن جي منظوري ڏني وئي۔
سنڌ 6 ھفتن کان خطري ھيٺ رھي آھي: وڏو وزير مرا دعلي شاھ
وڏي وزير ڪابينا کي ٻوڏ بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو تہ سنڌ گذريل ڇهن هفتن کان خطري هيٺ رھي آهي، پهرين لهر 24 آگسٽ تي گڊو بئراج وٽ 5 لک 34 هزار ڪيوسڪ، سکر وٽ 4 لک 81 هزار ۽ ڪوٽڙي وٽ 2 لک 73 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿي، ٻي لهر 15 سيپٽمبر تي 6 لک 35 هزار ڪيوسڪ تائين پهتي۔ جيتوڻيڪ ماهرن 11 لک ڪيوسڪ تائين خطري جي اڳڪٿي ڪئي هئي پر وقت سر قدمن سان صورتحال تي ضابطو آندو ويو۔
ايندڙ سال مون سون جون وڌيڪ برساتون پوڻ جو امڪان
وڏي وزير آبپاشي واري وزير جام خان شورو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کھيڙو، صوبائي وزيرن، ايم پي ايز ۽ ضلعي انتظاميه کي گرائونڊ تي موجود رھڻ ۽ گڏيل ڪوششن تي ساراهيو۔ هن خبردار ڪيو تہ موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ سال مون سون وڌيڪ شديد ۽ وقت کان اڳ ٿي سگهي ٿو تنهنڪري موسمي حقيقتن مطابق تياري لازمي آهي.
مالي سڌارا ۽ ھيٺئين سطح تي اختيارن جي منتقلي
سندھ فنانشل رولز 2023 ۽ ڊليگيشن آف فنانشل پاورز رولز ۾ ترميمون منظور ڪيون ويون جن تحت بقايائن جي دعوائن جي جاچ کي کاتن تائين منتقل ڪيو ويو تہ جيئن دير نہ ٿي سگھي، 10 سالن کان وڌيڪ پراڻيون دعوائون اڃا بہ ناڻي کاتي جي منظوري سان ٿينديون۔
وڏي وزير چيو تہ هي سڌارا اڳين قدمن جيان آهن جن سان ايس ايچ اوز کي اختيار ڏنا ويا هئا ۽ هن سان ھيٺئين سطح تي سهولتون وڌيڪ بهتر ٿينديون.
سڌارا ۽ عدالتي قدم
ڪابينا ٺٽو ضلعي ۾ نئين تعمير ٿيل ضلعي جيل ۽ سڌارو مرڪز جنهن ۾ 250 قيدين جي گنجائش آهي، جنھن کي سنڌ پريزنز اينڊ ڪوريڪشنل سروسز تحت نوٽيفاءِ ڪرڻ جي منظوري ڏني تہ جيئن جيلن ۾ رش گهٽجي۔
13 دهشتگردي ٽوڙ عدالتن کي منشيات سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ خاص عدالتن طور ٻيهر نامزد ڪيو ويو جڏھن تہ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽن کي عارضي طور اهي اختيار ڏنا ويا جيستائين مستقل عدالتون قائم نہ ٿين.
ڪابينا 9 ڪروڙ 99 لک 60 هزار رپين جي لاڳت سان 10 موبائل ٽيسٽنگ وينز جي خريداري جي منظوري ڏني جيڪي انسپيڪشن لاءِ موبائل ٽيسٽنگ يونٽس اسڪيم تحت حاصل ڪيون وينديون۔
ڪابينا سنڌ ۾ 10 ھيوي وھيڪل فٽنيس سينٽرن جي قيام جي تجويز منظور ڪئي، انهن مان پنج ڪراچي ۾ ۽ هر ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ قائم ٿيندا، جديد يورپي ٽيسٽنگ اوزارن جي مدد سان هي قدم ٽرانسپورٽ سيڪيورٽي کي جديد رخ ڏيندو، حادثن ۾ گهٽتائي آڻيندو ۽ قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندو۔
وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي تہ دلچسپي رکندڙ پروفيشنل پارٽين کان درخواستون طلب ڪيون وڃن ۽ مڪمل ميرٽ تي ڀرتي ڪئي وڃي۔ موسمياتي تبديليءَ جي حقيقتن موجب لچڪدار پاليسي، مالي خودمختياري، عدالتي سڌارا، ثقافتي واڌارو، زراعت جي نگراني، ٽيڪس جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ روڊن جي حفاظت جھڙا قدم کڻي.