ھاڻي دھشتگردن خلاف بنارعايت جي ڪارروايون ٿينديون: آءِ ايس پي آر

فہرستِ مضامین

راولپنڊي: آءِ ايس پي آر چيو آھي تہ پاڪ فوج ھاڻي دهشتگردن خلاف بناڪنھن رعايت جي ڪارروايون ڪندي

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي تہ طالبان حڪومت افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رھي آهي۔

گذريل ڏينهن بنوں ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ٿيل حملي جا پيرا بہ افغانستان ۾ موجود گل بهادر گروپ سان مليا آهن۔

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ڪارروائي سبب بنوں وڏي سانحي کان بچي ويو، دهشتگردن جا معصوم شهرين ۽ اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا ويا۔

ترجمان موجب آپريشن دوران خوارج جو پتو لڳايو ويو، گاڏي ۾ سوار حملي آور کي اڳئين دستي بروقت روڪي ورتو، جڏھن تہ دهشتگردن مايوسي ۾ بارود سان ڀريل گاڏي اڳئين دستي جي هڪ گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي۔

حملي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل شهزادہ گلفراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهہ شهيد ٿي ويا، جڏھن تہ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 5 خارجي مارجي ويا…..۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں