هانگ ڪانگ جي هڪ گهڻ ماڙ رھائشي ڪامپليڪس ۾ باهہ لڳڻ سبب 36ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آھي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، هانگ ڪانگ جي اترين علائقي ۾ گهڻ ماڙ رھائشي عمارت ۾ باهہ لڳي.
فائر ڊپارٽمينٽ طرفان باهہ کي چوٿين درجي جي باهہ قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کي ڪيئي ڪلاڪن کان وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن.
پرڏيھي ميڊيا موجب باھ سبب سڙي فوت ٿيلن جو انگ 36 ٿي ويو آھي، زخمين جو انگ 29 ٻڌايو پيو وڃي، فوت ٿيلن ۾ ھڪ فائر فائٽر بہ شامل آھي، باھ تي ضابطو آڻڻ ۾ مصروف ڪجھ فائر فائٽر بہ زخمي ٿيا آھن.
پوليس موجب باھ سبب متاثر رھائشي بلاڪس جا 279 ڄڻا گم آھن، جڏھن تہ ڪيترائي ماڻهو اڃا بہ عمارت ۾ ڦاٿل آهن، جن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش جاري آهي، ان کانسواءِ اٽڪل 700 ماڻهن کي عارضي پناهگاهن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
رھائشي ڪمپليڪس 8 بلاڪن تي ٻڌل آهي، هر عمارت 31 ماڙ آهي، جتي مجموعي طور لڳ ڀڳ 2 هزار اپارٽمنٽس ۽ اٽڪل 5 هزار ماڻهو رھندڙ آهن….