ھالي ووڊ جي مشھور اداڪار ۽ اڳوڻي ريسلر ”ڊُوائن جانسن“ جي نئين روپ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آھي.
مشھور ۽ اڳوڻي ريسلر ” ڊُوائن جانسن“ پنھنجو وزن گھڻي حد تائين گھٽائي ورتو آھي.
ڊوين جانسن وينس فلم فيسٽيول ۾ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، جتي سندس نئين فلم ” دي اسميشنگ مشين“ جو عالمي پريمئير منعقد ٿي رھيو آھي.
سوشل ميڊيا تي جاري ٿيل تصويرن ۾ ڊوين جانسن جي وزن ۾ نمايان لاٿ ۽ سنھڙي جسم سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا ۾ ڊوين جانسن جي نئين روپ کي تمام گھڻو پسند ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان تجزين ۽ تبصرن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آھي
سوشل ميڊيا واھيپدارن خدشو ظاھر ڪيو آھي تھ ڊوين جانسن جو نئون روپ سندس صحت جي مسئلن سبب ٿيو آھي.