لنڊن (ويب ڊيسڪ) پرفيوم سڌو سنئون ڳچيءَ تي هڻڻ سان ڪينسر ٿئي ٿو يا نه؟ ان حوالي سان ماهرن اهم وضاحت ڪندي چيو آهي ته هن دعويٰ جا سڌا ۽ حتمي سائنسي ثبوت موجود ناهن، پر ڪجهه خوشبودار ڪيميائي جزن سان ڊگهي عرصي تائين بار بار رابطي سبب صحت لاءِ ممڪن خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا.
ڪينسر تي تحقيق ڪندڙ ۽ يونيورسٽي آف ڪيمبرج جي شعبي پيٿالاجي سان لاڳاپيل پي ايڇ ڊي محقق اينا ڪينيڊاس ماڻهن کي صلاح ڏني آهي ته هو پرفيوم سڌو سنئون ڳچيءَ تي هڻڻ کان پاسو ڪن، ڇو ته ڪجهه خوشبودار ڪيميائي جزا ڊگهي عرصي تائين استعمال ٿيڻ سان صحت تي ناڪاري اثر وجهي سگهن ٿا.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ هن چيو ته پرفيوم ۾ سوين، بلڪه هزارين ڪيميائي مرڪب شامل هوندا آهن، جن مان ڪيترائي جزا الڳ نالن بدران صرف ”فريگرينس“ جي نالي سان درج ڪيا ويندا آهن.
فرنٽيئرز اِن ٽاڪسڪالاجي ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق موجب پرفيوم ۽ ٻين سينگار وارين شين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه جزا، جهڙوڪ فٿيليٽس، فارمل ڊي هائيڊ ۽ ووليٽائل آرگينڪ ڪمپائونڊز (VOCs)، هارمونن جي نظام تي اثرانداز ٿيندڙ ڪيميائي مادا قرار ڏنا ويا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي مادا جسم جي قدرتي هارمونن جي نظام ۾ مداخلت ڪري سگهن ٿا، پر هن وقت تائين اهڙا حتمي سائنسي ثبوت موجود ناهن، جيڪي ثابت ڪن ته ڳچيءَ تي پرفيوم هڻڻ سان سڌو سنئون ڪينسر ٿيندو آهي. البت ڪجهه ڪيميائي جزن سان ڊگهي عرصي تائين مسلسل رابطي بابت خدشا ضرور موجود آهن.
محققن موجب مقصد ماڻهن کي پرفيوم استعمال ڪرڻ کان ڊيڄارڻ نه، پر غيرضروري ڪيميائي اثرن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. سندن چوڻ آهي ته روزانو ڪيترن ئي سالن تائين جلد تي لڳندڙ معمولي مقدار ۾ ڪيميائي مادا به جسم ۾ گڏ ٿي صحت جا مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا.
چمڙي جي ماهرن موجب ڳچيءَ جي چمڙي جسم جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نازڪ ۽ حساس هوندي آهي، تنهن ڪري هتي ڪيميائي جزن جي جذب ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن. خاص طور تي گرم پاڻي سان وهنجڻ کان فوري پوءِ پرفيوم هڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان وقت چمڙي جا مسام وڌيڪ کليل هوندا آهن.
ماهرن صلاح ڏني آهي ته پرفيوم سڌو سنئون ڳچيءَ بدران ڪپڙن تي يا کلائي جهڙن گهٽ حساس حصن تي استعمال ڪيو وڃي، جڏهن ته ممڪن هجي ته قدرتي يا آرگينڪ جزن سان تيار ڪيل پرفيوم کي ترجيح ڏني وڃي.