گھوٽڪي ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل جي نياڻي جي اغوا واقعي جو ڊراپ سين، ناري پاران پسند پرڻي جو بيان، شھريار شر پاران وڪيل جي الزامن جي ترديد

فہرستِ مضامین

سپريم ڪورٽ جي وڪيل عبيداللہ گھوٽو جي نياڻي جي اغوا واقعي جو ڊراپ سين ٿيو آھي، ناري اغوا واقعي جي ترديد ڪندي پسند پرڻي جو اعتراف ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ جي وڪيل عبيداللہ گھوٽو گذريل ڏينھن گھوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي الزام ھنيو ھو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي شھريار خان شر سندس نياڻي جي اغوا واقعي ۾ ملوث آھي.

شھريار خان شر وڊيو بيان جاري ڪيو، جنھن ۾ ھُن وڪيل جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي ۽ پوليس کان واقعي جي اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو.

شھريار شر سپريم ڪورٽ جي وڪيل عبيداللہ گھوٽو کي پنھنجو دوست ڪوٺيندي چيو تہ ھو بہ نياڻين جو پيءُ آھي، ڪنھن جي نياڻي جي اغوا واقعي ۾ ملوث ھجڻ بابت سوچي بہ نٿو سگھي.

ٻئي پاسي ناري جو وڊيو بيان سامھون آيو آھي، جنھن ۾ ھو اغوا واقعي کي رد ڪندي پسند پرڻي جو اعتراف ڪري رھي آھي.

وڊيو ۾ ناري ٻڌائي رھي آھي تہ ھُن پنھنجي رضا خوشي سان پسند جي شادي ڪئي آھي، پوليس کين تحفظ فراھم ڪري.

ياد رھي تہ سپريم ڪورٽ جي وڪيل عبيداللھ شھريار شر خلاف ڄام مھتاب ڏھر تي حملي جو ڪيس وڙھيو ھو

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں