سنڌ جَي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار گھوٽڪي جي علائقي قادر پور ۾ خوني تڪرار تان 5 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي گھوٽڪي کان تفصيل طلب ڪري ورتا آھن.
گھرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ضياءَ الحسن لنجار قادر پور جي ڪچو ٻنڊي علائقي ۾ جاگيراڻي ۽ لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي تان 5 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو آھي.
گھوٽڪي پوليس موجب صبح سوير ڪچي واري علائقي ۾ لولائي ۽ جاگيراڻي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ دوران ڌرين ھڪٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي جنھن ۾ لولائي ڌر جا راحب لولائي، ماڪڙو لولائي ۽ مھر لولائي مارجي ويا، جڏھن تہ جاگيراڻي برادري جا نور ۽ ھدايت اللہ جاگيراڻي قتل ٿيا آھن.
ڪچو ٻنڊي جو ڪچو سدائين بدامني جو ڳڙھ رھيو آھي، چاچڙ، چانڊيا ۽ ٻين ڌرين ۾ قبيلائي تڪرار اِتان ئي شروع ٿيندا رھيا آھن.
گھوٽڪي سول اسپتال انتظاميا موجب جھيڙي ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن جا لاش آندا ويا، جيڪي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، علائقي واسين جو چوڻ آھي تہ ڇڪتاڻ ۾ 5 ڄڻا نہ پر 2 ڄڻا مارجي ويا آھن.
قانون جي رٽ چلينيج ڪرڻ جي اجازت نہ ڏينداسين
گهوٽڪي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 5 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جو سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي گهوٽڪي کان شروعاتي پوليس ڪارروائي بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن۔
گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي۔
هن وڌيڪ چيو ته جهيڙي يا تڪرار جي پٺيان ڪارڻن ۽ محرڪن کي معلوم ڪري ختم ڪيو وڃي۔
ضياءُ الحسن لنجار واضح ڪيو ته امن امان کي خراب ڪرڻ ۽ قانون جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي۔
هن چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي۔
گهرو وزير پوليس کي هدايت ڪئي ته واقعي بابت ڪارروائي ۽ اڳڀرائي کان مسلسل آگاهه رکيو وڃي۔