لائیو گھوٽڪي مان ڦر واقعي جا جوابدار گرفتار، ڪيس چيلينج هو، مهارت سان حل ڪيو: پوليس

فہرستِ مضامین

گھوٽڪي پوليس دعويٰ ڪئي آھي تہ  38 لک ڦر وارو واقعي ۾ ملوث مک جوابدار گرفتا ڪري رقم واپس ڪئي وئي آھي، جوابدارن ۾ علي لاکو، عدنان گبول، بابر گولو ۽ فرحان ڪلوڙ شامل آھن.

پوليس موجب 2 مهينا اڳ عادلپور گهوٽڪي روڊ تان اعجازمهر کي گوليون  38 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي وئي هئي، پوليس ڦورن کي پڪڙي ڦورن وٽان ڦر ٿيل رقم ھٿ ڪئي.

جاچ آفيسر ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو عبدالوحيد ڀٽو جوابدار پڪڙي ڦر ٿيل رقم هٿ ڪري ورتي، ڊي ايس پي سهيل سومرو جي نگراني ۾ ايس ايڇ او، وحيدڀٽو ٽن ڦورن کي به گرفتار ڪري ورتو

ايس ايڇ او وحيد ڀٽو موجب گرفتار ٿيل ڏوهارين وٽان 2 مهينا اڳ عادلپور گهوٽڪي لنڪ روڊ تان اعجازمهر کان ڦر ٿيل 38 لک رپيا پڻ هٿ ڪيا آھن

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں