وفاقي گھرو وزير محسن نقوي برطانيا پھچي ويو آھي جتي ڪجھ پاڪستانين جي حوالگي جي معاملي تي برطانوي پرڏيھي کاتي جي اعليٰ عملدارن سان ڳالھين جو امڪان آھي.
وفاقي گھرو وزير محسن نقوي 3 ڏينھن برطانيا ۾ ترسندو، جتي ھو پي سي بي چيئرمين جي حيثيت سان پي ايس ايل جي ايندڙ سيزن جي لانچ جي تقريب ۾ بہ شرڪت ڪندو، ھي تقريب ڪولارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيندي.
ذريعن موجب محسن نقوي جي برطاوي فارن آفيس جي عملدارن سان بہ ملاقات طئي آھي، محسن نقوي پاران ڪجھ پاڪستانين جي حوالگي جي معاملي تي ڳالھين جو بہ امڪان آھي.
ذريعن موجب محسن نقوي ان پاڪستانين بابت شاھديون پھريان ئي برطانوي ھاءِ ڪمشنر حوالي ڪري چڪو آھي.
ٻئي پاسي برطانوي فارن آفيس جي ذريعن جو چوڻ آھي تہ پاڪستان ۾ ھاءِ ڪمشنر کي ڏنل تفصيل اڃا تائين برطانيہ ناھن پھتا.
پاڪستان پاران برطانيا کان عادل راجا ۽ شھزاد اڪبر جي حوالگي جي درخواست
ياد رھي تہ 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ وفاقي گھرو وزير محسن نقوي سان برطانوي هاءِ ڪميشنر جين ميرٽ جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪستان- برطانيا لاڳاپن، سيڪيورٽي سھڪار ۽ ٻہ طرفي دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي ڳالھيون ٿيون، ان کانسواءِ برطانيا ۾ غيرقانوني طور رھندڙ پاڪستانين جي وطن واپسي وارن معاملن تي بہ بحث ٿيو.
ان دوران گھرو وزير، شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جا حڪومت پاڪستان پاران حوالگي جا ڪاغذ برطانوي هاءِ ڪميشنر کي حوالي ڪيا، محسن نقوي چيو تہ ٻئي فرد پاڪستان ۾ گھربل آهن ۽ انهن کي فوري پاڪستان جي حوالي ڪيو وڃي۔
وفاقي گھرو وزير محسن نقوي پاران پروپيگنڊا ڪندڙ پاڪستاني شهرين خلاف مضبوط ثبوت بہ فراهم ڪيا ويا، محسن نقوي چيو تہ اظهار جي آزادي تي پورو يقين رکندڙ آهيون، پر فيڪ نيوز هر ملڪ لاءِ مسئلو آهي۔
محسن نقوي
ان کان اڳ لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو تہ ٻاهر ويھي سوشل ميڊيا ذريعي فيڪ نيوز پکيڙيندڙ سمجهن ٿا تہ کين تحفظ ملندو ته اهو ممڪن ناهي۔
محسن نقوي چيو تہ سوشل ميڊيا تي ڪنهن جي تذليل ڪرڻ جي اجازت نہ ڏينداسين، قومي سلامتي جي معاملي تي ڪا بہ سوديبازي نہ ٿيندي، ڪو شخص لنڊن ۾ ويهي بڪواز ڪري رھيو آحي تہ ادارن ۾ ھي مسئلو ھلي رھيو آحي، جيڪڏھن اوھان وٽ ثبوت آھن تہ ظاھر ڪيو.
هن وڌيڪ چيو تہ ٻاهر ويهي فِيڪ نيوز پکيڙيندڙ سمجهن ٿا تہ کين تحفظ ملندو، پر اهو ممڪن ناهي، جيڪي ماڻهو ٻاهر ويٺل آهن انھن کي ٻڌائي ڇڏا تہ اوھان جلد پاڪستان اچي رھيا آھيو، جلد اوھان کي ھتي اچي سمورين ڳالھين جو جواب ڏيڻو پوندو.