گڏيل قومن پاران بلوچستان ۾ دھشتگرد حملن جي مذمت، سنگين ۽ بزدلاڻيون ڪارورايون قرار

فہرستِ مضامین

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ٿيل دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انهن کي سنگين ۽ بزدلاڻيون دهشتگرد ڪاروايون قرار ڏنو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ سلامتي ڪائونسل چيو تہ 31 جنوري 2026 تي بلوچستان ۾ ٿيل حملا مذمت جوڳا آھن، يو اين ايس سي حملن ۾ مارجي ويل ماڻهن جي وارثن، صوبي جي گورنر ۽ عوام سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو، جڏھن تہ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواھشن جو پڻ اظهار ڪيو۔

بيان ۾ چيو ويو تہ دهشتگردي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان سنگين خطرن مان هڪ آهي، بيان ۾ زور ڏنو ويو تہ انهن دهشتگرد حملن ۾ ملوث عنصرن، ان جي منصوبا بندي ڪندڙن،مالي مددگارن ۽ سرپرستن کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ اڻٽر آھي.

يو اين ايس سمورن ملڪن تي زور ڏنو تہ ھو عالمي قانون ۽ سلامتي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺھرائن موجب پاڪستان سان مڪمل سھڪار ڪن تہ جيئن دهشتگردي خلاف اثرائتي ڪارروائي ممڪن بڻجي سگهي.

سلامتي ڪائونسل چيو تہ سڀني رياستن کي گڏيل قومن جي چارٽر، انساني حقن، پناهگيرن جي قانونن ۽ عالمي انساني قانون تحت پنهنجون ذميواريون نڀائيندي دهشتگردي خلاف هر ممڪن قدم کڻڻ گهرجي۔

ان کان اڳ چين جي پرڏيھي ترجمان لين جيان پڻ بلوچستان ۾ ٿيل حملن جي مذمت ڪندي چيو هو تہ چين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هميشہ پاڪستان جي پوري حمايت ڪندو رھندو۔

ٻئي طرف، سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان ۾ جاري ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشنز دوران مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 197 ٿي چڪي آهي، نوشڪي ضلع ۽ صوبي جي ٻين علائقن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن، پريشنز صوبي ۾ ٿيل دھشتگرد حملن کانپوءِ شروع ڪيا ويا هئا..۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں