گڏيل عرب امارت ٽرمپ جي“ غزہ بورڊ آف پيس” ۾ شامل ٿيندڙ پھريون مسلمان ملڪ بڻجي ويو.
گڏيل عرب امارت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزہ امن منصوبي تحت قائم ڪيل “بورڊ آف پيس” ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي۔
عرب ميڊيا موجب، ان ڳالهہ جو اعلان يو اي اي جي پرڏيھي کاتي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي تہ گڏيل عرب امارت غزہ بورڊ آف پيس ۾ فعال شموليت ۽ عملي ڀائيواري لاءِ تيار آھي.
پرڏيھي کاتي موجب موجب، يو اي ايِ بورڊ آف پيس جي مشن ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو ۽ عالمي سطح تي سھڪار، استحڪام ۽ خوشحالي جي ھٿي لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪندو۔
اھڙي طرح گڏيل عرب امارات نہ رڳو پهريون مسلمان ملڪ بڻجي ويو آهي، پر انهن شروعاتي ملڪن ۾ بہ شامل ٿي ويو آهي جن کليل نموني هن آمريڪي قدمي جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي۔
ياد رھي تہ ٽرمپ غزہ جنگبندي معاهدي تحت حماس جي جاءِ تي هڪ عالمي بورڊ وسيلي رياستي معاملن کي هلائڻ جو امن منصوبو پيش ڪيو هو۔
هن بورڊ آف پيس جي سربراهي پاڻ آمريڪي صدر ڪندو، جڏھن تہ باني ميمبرن ۾ ٽوني بليئر، آمريڪي پرڏيهي وزير، ٽرمپ جو ناٺي ۽ ٻيا شامل آهن۔
ھيل تائين بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ قبول ڪندڙ ملڪن ۾ پهريون يورپي ملڪ هنگري آهي، جنهن بنا ڪنهن شرط جي حمايت ڪئي آهي۔
اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني بہ بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي، پر اڃا تائين باضابطہ اعلان ناهي ڪيو۔
ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني بہ اصولي طور تي بورڊ ۾ شامل ٿيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، پر حتمي اعلان چارٽر جي جائزي بعد ڪيو ويندو۔
ٻئي طرف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔
ان جي جواب ۾ آمريڪي صدر فرانسيسي شراب “شيمپين” تي 200 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي۔
جڏھن تہ فرانسيسي صدر آمريڪي دٻاءُ ۽ ٽيرف ڌمڪين کي نہ قبولڻ جوڳو قرار ڏنو تہ ٽرمپ ڪاوڙجي چيو تہ ميڪرون گهڻي عرصي تائين فرانس جو صدر نہ رھندو۔
ان کانسواءِ جرمني، اسپين، نيدرلينڊز، سويڊن، جاپان ۽ برطانيہ جهڙا آمريڪي اتحادي بہ هن وقت تائين ٽرمپ جي بورڊ آف پيس ۾ شموليت کان لنوائي رھيا آھن.
يورپي ملڪن بہ في الحال خاموشي اختيار ڪئي آهي، جڏھن تہ گڏيل قومن بہ خدشن جو اظهار ڪيو آهي۔
خيال رھي تہ بورڊ آف پيس جي تاحيات سربراهي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وٽ هوندي، جڏھن ميمبر ملڪن جي ميمبرشپ جو مدو ٽي سال هوندو۔……