ڪراچي ( ڊبليو ٽي اين ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ امڪاني برساتن ۽ 3 ۽ 4 سيپٽمبر تي گڊو بئراج وٽ ايندڙ امڪاني وڏي وهڪري بابت تيارين جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، مخدوم محبوب زمان، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ريهبيليٽيشن اختر بگٽي ۽ ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه شرڪت ڪئي.
آبپاشي واري وزير جام خان شورو، ايڪسائيز واري وزير مڪيش ڪمار چاولا، محمد بخش مهر ۽ وزير صنعت جام اڪرام ڌاريجو کي درياءِ سنڌ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪناري تي سيلا ب صورتحال ۽ عوامي ڀلائيءَ جي نگراني جي ذميواري سونپي وئي.
گڊو وٽ پاڻي 7 کان 8 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرندو
آبپاشي ۽ پي ڊي ايم اي جي عملدارن وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اربع ۽ خميس جي وچ واري رات تائين گڊو بئراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو 7 لکن کان 8 لک ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، وڏي وزير انتظاميه کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ مڪمل ريسڪيو ۽ ريليف انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
پي ڊي ايم اي موجب اتر وارن ضلعن ۾ 72 ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ 106 ريسڪيو ٻيڙيون مقرر ڪيون ويون آهن، ممڪن طور 52 هزار کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿي سگهن ٿا۔ وڏي وزير اتر ضلعن ۾ 30 هزار کان وڌيڪ ريسڪيو 1122 عملي جي مقرري ۽ ڪمزور ضلعن ۾ ٻيڙين جي ورڇ جي هدايت ڪئي.
50 ھزار کان وڌيڪ ڪٽنب متاثر ٿيندا
اجلاس ۾ سکر ۾ 6، گھوٽڪي، خيرپور، شڪارپور، نوشهروفيروز ۽ دادو ۾ 4-4، ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ 3 ٻيڙيون، ساڳي وقت سکر کان دادو تائين ٻيڙين سميت ريسڪيو ٽيمون مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان نيوي 26 ٻيڙيون رليف آپريشن لاءِ اسٽينڊ باءِ تي رکي آهي.
پي ڊي ايم اي جي اسٽاڪ پوزيشن بابت ٻڌايو ويو ته مڇرداڻيون، ڪمبل، فرسٽ ايڊ ڪٽون، ڪچن سيٽ، گدا، پلاسٽڪ شيٽ، موبائل ٽائليٽس، سوِڙيون، جيري ڪين، سليپنگ ميٽ، ٽينٽ، ڊي واٽرنگ پمپ ۽ جنريٽر ڪافي مقدار ۾ موجود آهن.
مراد علي شاهه پي ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته دريائي بندن تي 500 کان وڌيڪ ڪيمپ قائم ڪرڻ جي تياري ڪئي وڃي ته جيئن متاثر ٿيل آبادي ۽ چوپايو مال محفوظ ٿي سگهن.
صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڏي وزير گڊو بئراج ۽ سکر بئراج جو دورو ڪرڻ ۽ درياءِ سنڌ جي سڀني ڪمزور بندن جو فضائي جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته جيڪڏهن وڏي ٻوڏ آئي ته 50 هزار کان وڌيڪ خاندان بي گهر ٿي سگهن ٿا، مراد علي شاهه مڪمل تيارين کي يقيني بڻائڻ ۽ ضرورت پوڻ تي نجي شعبي مان به ڳوري مشينري حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.