وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي تہ لاهور واري واقعي تي تمام گهڻو افسوس آهي، پر گٽر جا ڍڪڻ لڳائڻ وزيراعليٰ جي ذميواري ناهي۔
خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي سينيٽر راڻا ثناءُ اللھ چيو تہ لاھور ۾ پيش آيل واقعو انتھائي افسوسناڪ آھي، پر گٽر جا ڍڪڻ لڳائڻ وزيراعليٰ جي نہ پر يو سيز جي ذميواري آهي۔
هن چيو تہ وزيراعليٰ پنجاب واقعي جو فوري نوٽيس ورتو ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن کي طلب ڪري کين ڇنڊڇاڻ پڻ ڪئي۔
ياد رھي تہ گذريل ڏينهن لاهور جي علائقي ڀاٽي گيٽ ۾ هڪ عورت ۽ سندس 10 مهينن جي ٻارڙي گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويون هيون، جڏھن تہ شروعات ۾ پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا ان ڳالھہ کان ئي انڪار ڪندا رھيا تہ ڪو گٽر ۾ ڪريو آهي، جڏھن تہ پوليس شڪايت کڻي ٿاڻي ايندڙ عورت جي مڙس کي ئي گرفتار ڪري ڇڏيو هو۔….