ڇا اڪثر آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽس لاءِ پروموٽس تحرير ڪرڻ جو عمل تمام مشڪل محسوس ٿئي ٿو ۽ نوان فقرا لکڻ ۾ مشڪل محسوس ٿئي ٿي؟
جيڪڏھن ھا تہ گوگل ڪروم جو ھڪ نئون فيچر ان مسئلي جو حل ثابت ٿيندو.
گوگل ھڪ نئين فيچر اسڪلز کي ڪروم ويب برائوزر لاءِ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آھي.ان نئين فيچر سان صارفين کي صرف ھڪ ڪلڪ تي وڌيڪ ڪارآمد ۽ ڪسٽمائز پروموٽس کي محفوظ ۽ بار بار استعمال ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
اھڙي طرح ڪمپني طرفان عام ترين اسڪلز جي لائبريري بہ تيار ڪئي پئي وڃي تہ جيئن اوھان کي پنھنجي پروموٽس کي بھتر بنائڻ لاءِ محنت نہ ڪرڻي پوي. ھي فيچر ھر ان صارف کي دستياب ھوندو جنھن ڪروم ۾ انگلش يو ايس کي ڪروم لينگوئج جي طور تي سيٽ ڪري رکيو ھوندو.
اوھان پنھنجي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ پروموٽس کي اسڪل جي طور تي جيمنائي چيٽ ھسٽري ۾ محفوظ ڪري سگھو ٿا ان تائين رسائي لاءِ اوھان فارورڊ سليش (/) يا پلس (+) سائن بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پھريان کان محفوظ اسڪل کي استعمال ڪري سگھندا.
جيمنائي انٽرفيس ۾ اوھان پھريان کان محفوظ پروموٽس کي ايڊٽ ڪري سگھو ٿا يا نئين پروموٽس تحرير ڪري سگھو ٿا جيڪڏھن اوھان پنھنجي پروموٽس پاڻ تيار ڪرڻ نٿا چاھيو تہ پوءِ اسڪلز لائبريري ۾ موجود عام ترين اي آءِ ٽاسڪس تائين رسائي ھر وقت ممڪن ھوندي.