گهرو وزير سان وقتي آمريڪي سفير جي ملاقات، غيرقانوني اميگريشن جي روڪٿام تي اتفاق

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان وقتي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي جنهن ۾ غيرقانوني اميگريشن جي روڪٿام، منشيات جي روڪٿام ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو ويو.

ملاقات ۾ غيرقانوني اميگريشن جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل قدمن تي بہ غور ڪيو ويو، ٻنهي طرفان انهي ارادي جو اظهار ڪيو ويو تہ منشيات جي روڪٿام، ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ گڏيل حڪمت عملي سان سھڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو.

ملاقات ۾ آمريڪي سفير منشيات کان روڪٿام ۽ غيرقانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ هر ممڪن ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي

انهي موقعي تي محسن نقوي چيو تہ غيرقانوني اميگريشن جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي واضح آهي، حڪومت انهي مسئلي جي حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رھي آهي.

هن چيو تہ ايئرپورٽ تي منشيات ڪيسز جي نشاندهي اسان جي اولين ترجيح آهي، انهي مقصد جي لاءِ ملڪ جي سمورن ايئرپورٽس تي جديد ترين اسڪيننگ مشينون لڳايون پيون وڃن ته جيئن ڪنهن بہ سطح تي غفلت يا ڪمزوري نہ رھي .

محسن نقوي ٻڌايو تہ حڪومت منشيات جي روڪٿام لاءِ پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رھي آهي. اڄ بہ افغانستان مان منشيات درجين ملڪن ۾ پهچي نوجوان نسل کي سخت نقصان پھچايو پيو وڃي. منشيات جي روڪٿام لاءِ آمريڪا جي آڇ جي آجيان ڪئي ويندي.

گهرو وزير چيو تہ وزيراعظم جي هدايت تحت نيشنل نارڪوٽيڪس ڪوآرڊينيشن سينٽر جلد قائم ڪيو ويندو تہ جيئن سمورن ادارن جي وچ ۾ گڏيل سھڪار ممڪن ٿي سگهي.

ملاقات جي دوران اينٽي نارڪوٽيڪس فورس جي ڪارڪردگي تي بہ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو تہ ساليانو ڪائونٽر نارڪو ٽيڪس مهم جي دوران 134 ٽن منشيات قبضي ۾ ورتي وئي، 2001 جوابدار گرفتار ٿيا جن ۾ 75 پرڏيهي شامل آهن جڏهن تہ ضبط ٿيل منشيات ماليت 12.797 بلين ڊالر رھي .

هن وڌيڪ ٻڌايو تہ بلوچستان، خيبرپختونخواهہ ۽ سنڌ ۾ 110 افغان شهري گرفتار ڪيا ويا ۽ 40 هزار 659 ايڪڙ ايريا ڪليئر ڪرائي پاپي فري اسٽيٽس کي برقرار رکيو ويو.

وقتي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر اي اين ايف جي ڪاڪردگي جي تعريف ڪندي چيو تہ آمريڪا پاڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿو. انهي سلسلي ۾ هر شعبي ۾ سھڪار جاري رکيو ويندو. محسن نقوي چيو تہ پاڪ آمريڪا لاڳاپا خطي ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اهميت رکن ٿا پاڪستان پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو.

ملاقات ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي اي اين ايف، ڊائريڪٽر انفورسمنٽ، آمريڪي سفارتخاني جو نمائندو ۽ ٻيون اختياريون بہ موجود هيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں