گل پلازہ ۾ باھ ڪئين لڳي؟ ڪمشنر ڪراچي حتمي جاچ رپورٽ تيار ڪري ورتي

فہرستِ مضامین

ڪراچي: گل پلازہ سانحو، گرائونڊ فلور تي موجود ٻارڙي ھٿان گلن جي دڪان ۾ باھ لڳي، ڪمشنر ڪراچي حتمي جاچ رپورٽ تيار ڪري ورتي آھي.

گل پلازہ سانحي جي حتمي رپورٽ ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊيشنل آءِ جي تي ٻڌل ڪميٽي تيار ڪئي، ڪمشنر گل پلازہ ۾ باھ واقعي جي رپورٽ وڏي وزير مراد علي شاھ کي پيش ڪندو.

رپورٽ ۾ باھ لڳڻ جا سبب، باھ وسائڻ سميت ريسڪيو سان لاڳاپيل تفصيل شامل آھن، رپورٽ ۾ متاثرن، اکين ڏٺن شاھدن ۽ ريسڪيو اھلڪارن کان حاصل ڪيل ڄاڻ شامل  آھي.

رپورٽ موجب باھ گرائونڊ فلور تي ٻار جي هٿان گلن جي دڪان ۾ لڳي، جيڪا تيزي سان پکڙجي ايئرڪنڊيشن طرف وڌي وئي.

رپورٽ ۾ ڄاڻيو ويو آھي تہ باھ لڳڻ سبب 79 ڄڻا فوت ٿيا، گھڻيون فوتگيون پلازہ جي ميز نائن فلور تي ٿيون………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں