ڪراچي: ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو چيو آهي تہ گل پلازہ ۾ سرچ آپريشن تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي۔
ڊي سي چيو تہ ٽيڪنيڪل ٽيم آخري ڀيرو عمارت اندر وڃي جائزو وٺي رھي آھي، سروي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کانپوءِ عمارت کي سيل ڪيو ويندو، جيڪڏھن اڃا بہ ڪنهن جو پيارو لاپتا آهي تہ هو رابطو ڪري سگهي ٿو۔
ڊي سي موجب 79 لاپتا ماڻهن مان 13 جي وارثن اڃا تائين ڊي اين اي سيمپل فراهم نہ ڪيا آهن، جڏھن تہ 30 لاشن جو ڊيٽا حڪومت ڏانهن موڪليو ويو آهي تہ جيئن وارثن کي ادائيگي ڪري سگهجي۔
ڊي سي جو چوڻ هو تہ هينئر تائين 73 لاشون هٿ آيون آهن، جن مان 23 لاشن جي سڃاڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ اهي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، مقرر وقت اندر رابطو نہ ڪندڙن کي فهرست مان خارج ڪيو ويندو۔
ٻئي طرف ٽيڪنيڪل ٽيم گل پلازہ جي عمارت جو آخري دورو ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ عمارت کي سيل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، عمارت جي چوڌاري لوھي شٽرنگ لڳائڻ جو ڪم جاري آهي۔
ان کانسوا آءِ ايس ايس پي سٽي عارف عزيز ٻڌايو تہ جاچ ڪئي پئي وڃي تہ باهہ لڳڻ کانپوءِ بہ دروازا ڇو نہ کوليا ويا۔
واضح رھي تہ گل پلازہ سانحي ۾ فوت ٿيل 73 ماڻهن مان 23 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي۔
ڪراچي ۾ گذريل هفتي 17 جنوري جي رات گل پلازہ ۾ باهه لڳي هئي، جنهن سڄي عمارت کي تباهہ ڪري ڇڏيو۔…