ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم گل پلازہ سانحي واري معاملي تي احتجاج ڪيو ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.
سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت ۾ شروع ٿيو، سانحي جي فوتين لاءِ دعا ڪئي وئي، دعا کانپوءِ ايم ڪيو ايم جا ميمبر اٿي بيٺا، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو تہ هو گل پلازہ سانحي تي ڳالهائڻ چاهي ٿو، جنهن تي سعيد غني چيو تہ توھان ڳالهائي سگهو ٿا، ڊپٽي اسپيڪر چيو تہ سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو وڃي.
اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ميمبر سيٽن تي بيھي رھيا ۽ گل پلازہ سانحي تي احتجاج ڪيو ۽ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو.
سعيد غني چيو تہ معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ مناسب ناهي، اسان جي ڪوتاھين جي نشاندھي ڪيو گوڙ نہ ڪريو، طئي ٿيو هو تہ سانحي تي سڀ ڳالهائيندا، ڇاڪاڻ تہ ڪراچي واسي ۽ متاثر ماڻهو ڏسي رھيا آهن، ايم ڪيو ايم وارا تماشو ڪرڻ چاهين ٿا تہ سندن مرضي آهي.
سعيد غني چيو تہ 17 جنوري جي رات گل پلازہ جي هڪ دڪان ۾ باهہ لڳي، جيڪا پلازہ ۾ پکڙجي وئي، پلازہ ۾ 1021 دڪان آهن، اطلاع ملندي ئي گاڏيون پھتيون، صورتحال موجب وڌيڪ گاڏيون طلب ڪيون ويون، باهہ وسائڻ ۾ 26 فائر ٽينڊرز، 6 اسنارڪل حصو ورتو ۽ 33 ايمبولينس موجود هيون، باهہ لڳڻ بعد ڪراچي جي انتظاميہ موجود هئي، جانيون بچائيندي هڪ فائر ٽينڊر فرقان شهيد ٿيو، ھيل تائين 70 ماڻھن بابت ڄاڻ ملي آھي تہ اھي گم آھن، انھن مان 8 ڄڻن جا لاش مليا آھن ۽ 62 ڄڻا اڃا بہ لاپتا آھن.
ھن چيو تہ وڏي وزير ان سلسلي ۾ اجلاس طلب ڪيو هو، جنهن ۾ تاجرن جا نمائندا پڻ موجود هئا، فوت ٿيندڙن جي وارثن کي ھڪ ھڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا، هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ تاجر شامل آهن، اھا نقصان جو ڪاٿو لڳائيندي، حڪومت ماڻهن جو ڪاروبار بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪندي، ڪمشنر ڪراچي ۽ اي آءِ جي، جي ڪميٽي مڪمل جاچ ڪندي، اپوزيشن ميمبرن جو حق آهي تہ هو تنقيد ڪن ڇو تہ هڪ سانحو ٿيو آهي.
جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو تہ سانحي جي متاثرن جون دانھون اسان جي ڪنن ۾ گونجي رھيون آهي، عورتن لاءِ اهو ڏينهن قيامت کان گهٽ نہ هو، حڪومت جا نمائندا موجود نہ هئا، اڃا تائين ڪو ھڪ ماڻھو اھڙو ناھي جيڪو ذميواري قبول ڪري ۽ استعيفيٰ ڏئي، هو جماعت اسلامي طرفان سڀني متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪري ٿو، هن سانحي حڪومتي نظام کي وائکو ڪيو آھي.
محمد فاروق چيو تہ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو عملو ذميواري ادا ڪرڻ بدران غيرقانوني اڏاوتن جي سرپرستي ۾ شامل آهي، رشوت خوري جي بازار گرم آهي، ميئر کي ڪجهہ نظر نٿو اچي، تاجرن ٻڌايو تہ گاڏيون دير سان پهتيون، ڪڏھن پاڻي ختم ٿيو تہ ڪڏھن ڊيزل ختم پيو ٿي وڃي، جديد اوزار موجود نہ هئا، فائر بريگيڊ عملي وٽ ماسڪ نہ هئا، جيڪو ڪمشنر هن سانحي ۾ ملوث آهي، ان جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، حڪمرانن کي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي ۽ وزيرن جون استعيفائون سامھو اچڻ گھرجن.
ناصر حسين شاهہ چيو تہ اسان عدالتي جاچ لاءِ تيار آهيون، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير کي هدايت ڏني آهي تہ سنڌ حڪومت اهو معاملو فوري طور حل ڪري، اجلاس ۾ طئي ٿيو تہ عمارتن ۾ فائر الارم لڳايا ويندا.
ان کانپوءِ ايم ڪيو ايم ڊي سي ايسٽ خلاف تحريڪ استحقاق جمع ڪرائي، جنھن ۾ چيو ويو آھي تہ ڊي سي ايسٽ چونڊيل نمائندن سان رابطي ۾ نہ ھو ۽ سانحي جي ذميواري انهن تي پڻ آهي….