گل پلازہ سانحو: خالد مقبول صدقي جو وزيراعظم کي خط، آزاد ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

ڪراچي:ايم ڪيو ايم چيئرمين خالد مقبول صديقي وزيراعظم شھباز شريف کي خط لکي ڇڏيو آھي.

خط ۾ خالد مقبول صديقي گل پلازہ انڪوائري ڪميشن جي نالي تي اعليٰ سطح جي اڻڌري ۽ شفاف ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي تہ ڪميشن ۾ ايف آءِ اي، نيب، اين ڊي ايم اي سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کي بہ شامل ڪيو وڃي۔

خط ۾ خالد مقبول صديقي چيو آهي تہ وفاقي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري طور تي ريسڪيو ۽ رليف جا انتظام سنڀالين، تہ جيئن انساني عضوا ۽ قيمتي شيون محفوظ رھي سگهن۔

خط ۾ اهو بہ مطالبو ڪيو ويو آهي تہ وفاق جي نگراني هيٺ “ريليف ۽ بحالي فنڊ” قائم ڪيو وڃي، تہ جيئن وارثن ۽ متاثرن جي مالي مدد ڪري سگهجي۔

خالد مقبول صديقي خط ۾ چيو آهي تہ 7 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪيترائي ماڻهو لاپتا آهن، وارثن کي پنهنجن پيارن جا لاش ناهن مليا، جڏھن تہ 12 هزار کان وڌيڪ خاندان هن واقعي کان سڌي طرح متاثر ٿيا آهن۔

خط ۾ خالد مقبول صديقي چيو آهي تہ هن واقعي ۾ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميوار صوبائي حڪومت، صوبائي کاتا ۽ بلدياتي ادارا آھن،جڏھن تہ سنڌ حڪومت، ميئر ڪراچي، ايس بي سي اي ۽ ٻيا ادارا غفلت جا ذميوار آھن….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں