گل پلازا سانحي بابت اهم اڳڀرائي، جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن قائم

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي ھدايت تي گل پلازہ سانحي جي واقعي ۾ اھم اڳڀرائي سامھون آئي آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس آغا فيصل کي سانحي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جو سربراھ مقرر ڪيو ويو آھي، انھي حوالي سان گھرو کاتي پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.

گھرو وزير موجب انڪوائري ڪميشن پلازا جي اڏاوتي منظوري، بلڊنگ پلان ۽ ليز جي قانوني حيثيت جو تفصيلي جائزو وٺندي، ان سان گڏ عمارت ۾ بلڊنگ پلان جي ڀڃڪڙين،ايمرجنسي رستن ۾ رنڊنڪن ۽ فائر سيفٽي انتظامن ۾ ٿيندڙ لاپرواھي جي بہ جاچ ڪندي.

گھرو وزير جي ھدايت تي فائر برگيڊ انتظامن، فائر سيفٽي آڊٽ ۾ کوٽ، باھ لڳڻ جي سبب ۽ ريسڪيو آپريشن جي رفتار جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويندو، جڏھن تہ جاچ دوران غفلت جي ذميوار سرڪاري عملدارن ۽ بلڊنگ مئنجيمنٽ جو تعين ڪيو ويندو.

جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ قائم ڪميشن کي 8 هفتن اندر جاچ ڪري رپورٽ جمع ڪرائيندي،جڏھن تہ ڪمشنر ڪراچي کي ڪميشن لاءِ مڪمل سيڪريٽريٽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

واقعي جو پس منظر:

گل پلازہ ۾ لڳل خوفناڪ باهہ سبب 81 کان وڌيڪ ماڻھو سڙي فوت ٿيا ھئا، باھ دوران ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا بند ھئڻ ۽ فائر سيفٽي انتظام ناقص ھجڻ سبب وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ھو

پلازہ کي لڳڻ سبب سمورو عمارت تباھ ٿيڻ سان گڏ ڀرپاسي جي عمارتن جي بنيادن کي پڻ نقصان پھتو ھو……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں