گلگت ۾ گليشيئر ڦاٽڻ سبب ٻوڏ، هڪ ٻڪرار سوين جانيون بچائي ورتيون

فہرستِ مضامین

غذر: گلگت بلتستان جي ضلعي غذر ۾ گليشيئر ڦاٽڻ سبب آيل ٻوڏ تباھي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

ضلعي انتظاميا موجب، گوپس ۾ گليشيئر ڦاٽڻ سان ٻوڏ لينڊ سلائيڊنگ ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ رائوشن ڳوٺ جي سڄي آبادي ڦاسي پئي، 30 گهر مڪمل طور پاڻي ۾ ٻڏي ويا. لينڊ سلائيڊنگ سبب ڳوٺ رائوشن ۾ ڦاٿل 30 ماڻهن کي بچايو ويو آهي..

غذر پوليس موجب راؤشن ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ 50 ماڻهو ڦاٿل آهن، جن حڪومت کان اپيل ڪئي آهي ته کين ترت محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو وڃي.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته لينڊ سلائيڊنگ سبب پاڻي جو وهڪرو شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب هاڻ هيٺانھين وارن علائقن لاءِ خطرو گهٽجي ويو آهي. غذر جي ڊپٽي ڪمشنر موجب، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ باوجود، هينئر تائين ڪنھن جاني نقصان جو اطلاع ناهي ملي.

ٻڪرار گلشيئر ڦاٽڻ جو اطلاع ڳوٺاڻن کي ڏنو

ٻئي پاسي، جبل تي موجود هڪ ٻڪرار گليشيئر ڦاٽڻ وقت ڳوٺاڻن کي فون ذريعي اطلاع ڏنو، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون بچي ويون.

لينڊ سلائيڊنگ سبب جبل تي ڦاٿل ٻڪرار  ۽ سندس خاندان پاڪ فوج طرفان ريسڪيو ڪيو ويو، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي تھ ٻڪرار جي اطلاع ملڻ کانپوءِ رات جو ئي گهر خالي ڪيا ويا، جنهن سبب ڪو بھ جاني نقصان نھ ٿيو.

گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته گليشيئر ڦاٽڻ سبب پاڻي هڪ ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

ترجمان جو چوڻ هو ته ھن وقت تائين ڪو به جاني نقصان رپورٽ ناهي ٿيو، پر درياهه جو وهڪرو بند ٿيڻ سبب وڌيڪ تباهيءَ جو خدشو آهي. پر 50 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي.

گلگت بلتستان جي گهرو وزير شمس لون ٻڌايو ته متاثر علائقن ۾ ڪيترائي ماڻهو ڦاٿل آهن، جن کي ڪڍڻ لاءِ هيليڪاپٽر موڪليا ويا آهن.

گليشيئر ڇو ڦاٽن ٿا؟

گليشيئر برف جا وڏا ذخيرا هوندا آهن، جيڪي جبلن يا قطبي علائقن ۾ موجود هوندا آهن. جڏهن اهي ٽُٽندا آهن ته ان عمل کي عام ٻوليءَ ۾ “گليشيئر ڦاٽڻ” چئبو آهي. ان جي پويان ڪيترائي سبب ھوندا آھن.

موسم جي ماهرن موجب، جيئن جيئن دنيا جو گرمي پد وڌي رهيو آهي، گليشيئر پگھري رھيا آھن، اندر پيدا ٿيندڙ دٻاءُ سبب گليشيئر ڦاٽي ٿو، وڌيڪ برسات يا برف، گليشيئر تي اضافي وزن وڌائيندي آهي، جيڪڏهن هيٺ برف نرم هجي يا پاڻي موجود هجي ته گليشيئر ترڪي سگهي ٿو يا ٽُٽي سگهي ٿو، جيڪڏهن برف جي هيٺان چٽانون يا مٽي ڪمزور هجي، ته گليشيئر هيٺ ڪري سگهي ٿو.

ماھر موجب لينڊ سلائيڊنگ گليشيئر کي غير مستحڪم ڪري سگهن ٿي، جيڪو “گليشيئر برسٽ” جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

گليشيئر ڦاٽڻ جا نقصان

گليشيئر ڦاٽڻ سان اوچتو ٻوڏ  اچي ٿي، ندي نالن جي وهڪرن ۾ تيزي سان اضافو ٿئي ٿو، ڳوٺ، روڊ، ڍانچي ۽ انساني جانيون خطري ۾ پون ٿيون.

ماهرن موجب، اتر پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 3,044 گليشيئر موجود آهن، جن مان 33 کي خطرناڪ ۽ 4–5 کي فوري خطري واري حيثيت ڏني وئي آهي.

2022 ۾ موسمياتي تبديليءَ سبب سخت برساتن ۽ گليشيئرن پگھرڻ سان ملڪ ۾ تاريخي ٻوڏ آئي، جن ۾ ڪيتريون ئي قيمتي انساني زندگيون ضايع ٿيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں