گلگت جي پھاڙي سر ڪندڙ جرمن ڪوهه پيما لورا ڊالميئر جي موت جي تصديق

فہرستِ مضامین

گلگت بلتستان ۾ ليلا پيڪ جي پھاڙي چوٽي سر ڪرڻ جي ڪوشش دوران حادثي ۾ زخمي ٿيل جرمن ڪوھ پيما ۽ اڳوڻي اولمپڪ چيمپئن لورا ڊالميئر جي موت جي تصديق ٿي وئي آھي.

لورا ڊالميئر 6 ھزار 94 ميٽر اوچي پھاڙي سر ڪرڻ دوران 5 ھزار 7 سئو ميٽرز جي بلنديءَ تائين پھتي ھئي تھ اوچتو مٿان پٿر ڪرڻ سبب ھوءَ ساٿي ڪوھ پيما سميت زخمي ٿي پئي.

جرمن ڪوھ پيما جي ڳولا لاءِ گذريل ٻن ڏينھن کان ريسڪيو آپريشن جاري ھو، الپائن ڪلب آف پاڪستان مطابق، لورا ڊالميئر 28 جولاءِ تي گلگت بلتستان جي ھوشي وادي ۾ ليلا پيڪ کي سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي.

الپائن ڪلب جو چوڻ آھي ته لورا ڊالميئر کي بچائڻ جون سموريون ڪوششون خراب موسم جي ڪري ناڪام ٿي ويون، تصديق ٿي وئي آھي تھ سندس موت ٿي چڪو آھي.

لورا ڊالميئر پنهنجي محبوب پھاڙن ۾ جان وڃائي

الپائن ڪلب لورا کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو آھي ته لورا ڊالميئر جي جرئت، عزم ۽ جذبي راندين ۽ ڪوھ پيمائي جي دنيا تي پنھنجا اڻ مٽ نشان ۽ اثر ڇڏيا آھن.

بين الاقوامي اولمپڪ ڪميٽي بھ لورا ڊالميئر جي المناڪ موت تي اسپورٽس جي شعبي لاءِ سرانجام ڏنل خدمتن جي واکاڻ ڪئي.

اولمپڪ ڪميٽي پاران سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي لکيو ويو ته ٻه ڀيرا اولمپڪ چيمپيئن رھندڙ لورا ڊالميئر پنهنجي محبوب پھاڙين ۾ پنهنجي جان وڃائي.

لورا سان گڏ زخمي ٿيل ٻي ڪوھ پيما کي بچايو ويو

آءِ او سي جي صدر ڪرسٽي ڪوونٽري چيو ته لورا ڊالميئر 2018 جي اولمپڪس ۾ اسپرنٽ ۽ پرسوئٽ، ٻنهي ۾ سون جا تمغا کٽي نئين تاريخ سرجي ھئي.

31 سالن جي لورا ڊالميئر 28 جولاءِ تي گلگت بلتستان جي هوشي وادي ۾ ليلا پيڪ چوٽي کي سر ڪرڻ جي ڪوشش دوران گم ٿي وئي ھئي، ساڻس گڏ زخمي ٿيل ٻي ڪوھ پيما کي فوجي هيلي ڪاپٽرن ذريعي ريسڪيو ڪيو ويو.

الپائن ڪلب آف پاڪستان موجب واقعو 28 جولاءِ تي منجهند جي وقت پيش آيو، لورا ڊالميئر ساٿي ڪوھ پيما مرينا ايوا سان گڏ چڙهائي ڪري رهي هئي ته اوچتو پٿر ھنن جي مٿان اچي ڪريا، جنهن ۾ ٻئي زخمي ٿي پيون.

بيان موجب آرگنائيزرز پاران فوري طور ايمرجنسي سروسز کي اطلاع ڏنو ويو ۽ پاڪستان آرمي ايويئيشن جي هيلي ڪاپٽرن ۽ مقامي پورٽرن جي مدد سان هڪ مربوط ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو.

بيان موجب خراب موسم ۽ ڏکين علائقن جي ڪري هيلي ڪاپٽر حادثي واري هنڌ تي نه لهي سگهيا.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊالميئر کي ھيليڪاپٽرز ذريعي ڪڍڻ جون ڪوششون 29 جولاءِ تائين جاري رهيون، جڏهن ته زميني ريسڪيو ٽيمون موسم جي بهتري جو انتظار ڪري رهيون هيون.

مرينا ايوا کي آرمي ھيليڪاپٽرز ذريعي ريسڪيو ڪرڻ بعد بيس ڪيمپ پھچايو ويو آھي ۽ سندس صحت اطمينان جوڳي آهي.

لورا ميئر جو لاش آڻڻ لاءِ ٽيمون موڪليون ويون

گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آھي ته خراب موسم جاري آھي، فوت ٿي ويل جرمن ڪوھ پيما جو لاش بيس ڪيمپ آڻڻ لاءِ ريسڪيو ٽيمون اماڻيون ويون آھن.

ھلندڙ مھيني جي شروع ۾ چيڪ سياح ڪلارا ڪولوچووا بھ نانگا پربت بيس ڪيمپ ويجهو هڪ کاهي ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي ھئي.

46 سالن جي ڪولوچووا هڪ ملٽي نيشنل ٽيم جو حصو هئي، جيڪا نانگا پربت جي چوٽي سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.

ڪيمپ 4 تي سندس صحت خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ هوءَ نيپالي شيرپا تمانگ سان گڏ واپس اچي رهي هئي تھ ساڻس حادثو پيش آيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں