گلگت بلتستان ۾ پاڪ فوج جو ھيليڪاپٽر حادثي جو شڪار، 2 ميجرن سميت 5 اھلڪار شھيد

فہرستِ مضامین

گلگت بلتستان جي ھڊو ڳوٺ ويجھو پاڪ فوج جو ھڪ ھيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيو، جنھن ۾ پاڪ فوج جي ٻن ميجرن سميت 5 اھلڪار شھيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب حادثو صبح جو 10 وڳي ان وقت ٿيو، جڏھن پاڪ فوج جو ھيليڪاپٽر تربيتي اڏام ڀري رھيو ھو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب شھيدن ۾ ميجر عاطف، ميجر فيصل، چوهڙ جمالي جو رهواسي فلائيٽ انجنيئر نائب صوبيدار  مقبول احمد ڀٽي،  ڪريو چيف حوالدار جھانگير ۽ ڪريو چيف نائيڪ عامر شامل آھن.

چوهڙ جمالي جو رهواسي فلائيٽ انجنيئر نائب صوبيدار  مقبول احمد ڀٽي جي حياتي جي تصوير

آءِ ايس پي آر موجب تربيتي مشن آرمي ايوي ايشن جي معمول جي سرگرمين جو حصو آھن، جڏھن ته حادثو فني خرابي سبب پيش آيو.

ٻئي پاسي وزيراعظم شھباز شريف گلگت ۾ پاڪ فوج جو ھيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيڻ تي ڏک جو اظھار ڪيو آھي.

وزيراعظم شھباز شريف طرفان جي شھيدن جي مغفرت لاءِ دعا گھري وئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں