اسلام آباد: ناڻي واري وزارت نقصان ۾ ھلندڙ حڪومتي ملڪيتي ادارن جي فھرست جاري ڪري ڇڏي آھي.
ناڻي واري وزارت موجب حڪومتي ڪمپنين مالي سال ۾ 2024-25 ۾ سرڪاري خزاني کي 833 ارب رپين جو نقصان پھچايو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ مالي سال 2024-25 ۾ نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي کي 395 ارب رپيا ، ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني کي 112 ارب رپين جو نقصان ٿيو.
رپورٽ موجب پيسڪو کي 92 ارب 70 ڪروڙ، ريلويز کي 60 ارب رپيا نقصان پھتو، نيشنل پاور پارڪس ڪمپني کي 46 ارب، نيلم جھلم پاور ڪمپني کي 29 ارب 40 ڪروڙ رپيا نقصان پھتو.
رپورٽ موجب پاڪستان اسٽيل مل کي 26 ارب، سيپڪو کي 25 ارب 31 ڪروڙ جو نقصان پھتو، پاڪستان پوسٽ کي 19 ارب 30 ڪروڙ، پاسڪو کي 19 ارب، حيسڪو کي 13 ارب ۽ ليسڪو کي 12 ارب 70 ڪروڙ نقصان پھتو.
رپورٽ موجب جنڪوٽو کي 10 ارب، نيشنل انشورنس ڪارپوريشن کي 3 ارب، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي کي 2 ارب رپين جا نقصان ٿيا.
رپورٽ ۾ آئل اينڊ گئس ڊولپيمنٽ ڪمپني کي 170 ارب رپين جو منعافو ٿيو
جڏھن تہ پاڪستان پيٽروليم کي 90 ارب رپيا، واپڊا کي 56 ارب 70 ڪروڙ رپيا، گورنمينٽ هولڊنگ کي 48 ارب ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي 35 ارب 50 ڪروڙ رپيا منافعو ٿيو.
ناڻي کاتي جي رپورٽ موجب، پورٽ قاسم کي 35 ارب رپين کان وڌيڪ منافعو ٿيو.
ياد رھي تہ مالي سال 2023-2024 ۾ حڪومتي ملڪيتي ادارن کي مجموعي طور 851 ارب رپين جو نقصان ٿيو هو.