ڪچي ۾ ھڪ وڏو آپريشن شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون: گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار

فہرستِ مضامین

گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آھي تہ ڪچي ۾ ھڪ وڏو آپريشن شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، ڌاڙيلن خلاف بي رحماڻي ڪارروائي ڪئي ويندي.

سکر ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گھرو وزير چيو تہ ھٿيار ڦٽا ڪندڙن کي موقعو فراھم ڪيو ويندو، ڪچي ۾  آپريشن لاءِ في الحال فوج جي ضرورت ناھي.

ھن چيو تہ ڌاڙيل پاڻ کي چيمپئن سمجھن ٿا، سندن خلاف ڪارروائي ٿيندي، سنڌ پوليس سان گڏ رينجرز بہ آپريشن ۾ حصو وٺندي.

گھرو وزير چيو تہ ھن آپريشن ۾ پنجاب پوليس جي بہ ضرورت پوندي، آءِ جي سنڌ کي ھدايت ڪئي آھي تہ پنجاب جي آءِ جي سان رابطو ڪري.

ضياءُ الحسن لنجار وڌيڪ چوي تہ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بھتر آھي، سنڌ ۾ ھاڻي ڪٿي بہ حفاظتي ڪانوائي نٿا ھلن.

ھڪ سوال جي جواب ۾ گھرو وزير چيو تہ ڌاڙيلن جي سھولتڪارن خلاف بہ ڪارروائي ڪئي ويندي.

گھرو وزير چيو تہ اميد آھي تہ جلد جتوئي-مھر تڪرار بہ ختم ڪرايو ويندو، قبيلائي جھيڙون جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رھيا آھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں