سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن نجات مھراڻ ۾ پوليس ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي، سنڌ جي سڀ کان وڏي ڌاڙيل ثناءُ اللھ عرف ثنو شر ھٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري ڏئي ڇڏي آھي.
آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جو چوڻ آھي تہ سنڌ جي سڀ کان وڏي بدنام ڌاڙيل ثناءُ اللھ عرف ثنو شر سميت 13 ڌاڙيلن ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آھن، ڪچي جي علائقي مان ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو آھي.
ھن چيو تہ ڌاڙيل ثناءُاللھ شر سرينڊر ڪيو آھي، سنڌ حڪومت پاران مٿس ھڪ ڪروڙ رپيا انعام مقرر ڪيو ويو ھو.
جاويد عالم اوڍو وڌيڪ چيو تہ ثناءُ اللھ شر جي گرفتاري بعد اغوا جون وارداتن جو سلسلو پڄاڻي تي پھچندو، ان جي ساٿين بہ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن.
ان جو چوڻ ھو تہ ڌاڙيل ثناءُ اللھ شر قبائلي تڪرارن ۾ بہ ملوث ھو، ھو سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي وارن علائقن ۾ وارداتون ڪندو ھو، جنھن جي گرفتاري وڏي ڪاميابي آھي.
پوليس موجب ثناءُ اللھ شر مٿان 100 کان وڌيڪ ڪيس داخل ھئا، ھو پوليس اھلڪارن کي شھيد ڪرڻ، ڀنگ لاءِ اغوا سميت ٻين سنگين ڪيسن ۾ گھربل ھو…..