خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 7 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته ڪيپٽن سميت 6 جوان شھيد ٿيا آھن.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز پاران ڪُرم جي علائقي دوگر ۾ ڀارتي حمايتي دھشتگردن خلاف ڳجھي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ۾ 7 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن نعمان سليم سميت 6 جوانن شھادت ماڻي، شھيدن ۾ حوالدار امجد علي، نائيڪ وقاص احمد، اھلڪار اعجاز علي، محمد وليد ۽ محمد شھباز شامل آھن.
آءِ ايس پي آر موجب ڪيپٽن نعمان سليم ھڪ بھادر ۽ نوجوان ميڊيڪل آفيسر ھو، ڪيپٽن نعمان ميڊيڪل خدمتون انجام ڏيڻ سان گڏ بھادري سان وڙھندي شھادت ماڻي.
ترجمان موجب علائقي ۾ موجود ٻين دھشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آھي.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون نافذ ڪندڙ اداران جي دهشتگردي جي خاتمي واري مهم مڪمل قوت سان جاري آھي ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.