راولپنڊي : سڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخوا ۾ ٻہ ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 9 دهشتگرد مارجي ويا آھن.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، سڪيورٽي فورسز ضلعي ٽانڪ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ۽ فتنہ الخوارج جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 7 خارجي ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي تہ فورسز لڪي مروت ۾ بہ خارجين خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل ڀارتي حمايت يافتا خارجين وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي، خارجي مختلف دهشتگرداڻين ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ت دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشنز جاري آهن، آپريشن ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندا.
صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ٻنهي آپريشنز تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ فورسز جي پيشيوراڻين مهارتن کي ساراهيو.
سندن چو هو تہ سڪيورٽي فورسز وقتائتن ڪارروائيون ڪري خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو
ڀارتي اسپانسرڊ دشتگرڊن جي ناپاڪ منصوبن کي ناڪام بڻائڻ تي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، فورسز جي بهادري ۽ مهارتن تي فخر آهي، خيبر پختونخوا ۾ امن جي قيام لاءِ فورسز پرعزم آهن.