خيبرپختونخوا جي ٻن مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 20 دھشتگرد مارجي ويا آھن.
آءِ ايس پي آر موجب خارجين خلاف 8 ۽ 9 نومبر تي ڪارروايون ڪيون ويو، اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، ڪارروائي دوران ڀارتي حمايتي دھشتگردن جي ٿاڪن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 8 خارجي مارجي ويا، جڏھن تہ درہ آدم خيل ۾ بہ خارجين خلاف ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 دھشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دھشتگردن جي قبضي مان ھٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو آھي.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ امڪاني دھشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليرنس آپريشن جاري آھي……….