راولپنڊي: ڪي پي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 4 دھشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 17 ۽ 18 نومبر تي خيبر پختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪاررواين دوران ڀارتي حمايت ۾ سرگرم فتنہ الخوارج جا 4 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ضلعي باجوڙ ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو ويو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ھڪ دھشتگرد مارجي ويو.
اتر وزيرستان جي علائقي سپين وام ۽ ذاڪر خيل ۾ آپريشن دوران 2 دھشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ فورسز جي ھڪ دھشتگرد مارجي ويو، مارجي ويل دھشتگردن جي قبضي مان ھٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو .
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي …..