پشاو : خيبرپختونخوا جي ضلعي مھمند ۽ بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڌار ڌار ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم فتنہ الخوارج جا 13 دھشتگرد مارجي ويا آھن.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب 12 ۽ 13 ڊسمبر دوران خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ فورسز جي الڳ الڳ ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنہ الخوارج سان تعلق رکندڙ 13 دھشتگرد مارجي ويا آھن.
پڌرائي موجب دھشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ھمند ضلعي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو ۽ فورسز دھشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 دھشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو تہ ھڪ ٻيو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ضلعي بنون ۾ ڪيو ويو جتي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ وڌيڪ 6 دھشتگرد مارجي ويا.
پڌرائي موجب علائقي ۾ امڪاني دھشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آھي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دھشتگردن جي قبضي مان ھٿيار۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو آھي………