پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آھي تہ ھڪ سوچيل سمجھيل سازش منصوبي تحت خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن ۽ انہن جي سهولتڪارن کي جاءِ ڏني وئي، جنھن جو صلو خيبرپختونخواھ جو بھادر عوام اڄ پنھنجي رت سان ڀوڳي رھيو آھي.
پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو تہ خيبرپختونخواهه ۾ رٿيل منصوبي تحت هتي گورننس ۽ عوامي ڀلائي کي ڄاڻي واڻي ڪمزور ڪيو ويو .
پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ پريس ڪانفرنس جو مقصد خيبر پختونخوا صوبي ۾ سيڪيورٽي صورتحال بابت آگاھ ڪرڻ آھي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخوا جي بهادر عوام جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ اسان سڀني کي خيبر پختونخواهه جي بهادر عوام سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو تہ جيئن دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي سگهجي.
خيبرپختونخواھ ۾ آپريشن جا تفصيل
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ 2024 کان وٺي خيبرپختونخواهه ۾ انٽيليجنس معلومات تي 14,535 آپريشن ڪيا ويا ۽ روزاني بنيادن تي ڪيل انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن جو تعداد 40 آهي.
هن چيو تہ 2024 ۾ آپريشن دوران 769 دهشتگرد مارجي ويا، جيڪو سراسري طور تي روزانو 2.1 آهي، انہن آپريشن دوران 577 قيمتي جانيون قربان ڪيون ويون، جن ۾ پاڪ فوج جا 272 بهادر آفيسر ۽ سپاهي، 140 پوليس اهلڪار ۽ 165 بيگناهه پاڪستاني شهري شامل آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ خيبرپختونخواهه ۾ 2025 دوران 15 سيپٽمبر تائين 10,115 انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا ويا آهن، جيڪو روزانو 40 آهي، جنہن ۾ 917 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جيڪو روزاني جي شرح 3.5 آهي.
هن چيو تہ هن سال خيبر پختونخوا ۾ آپريشن دوران 516 قيمتي جانيون قربان ڪيون ويون، جن ۾ پاڪ فوج جا 311 آفيسر ۽ سپاهي، 73 پوليس اهلڪار ۽ 132 بيگناه شهري شامل آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ جيڪڏهن اسان گذريل 10 سالن ۾ آپريشن دوران مارجي ويل پرڏيهين جي تعداد جو مقابلو ڪريون تہ هڪ سال ۾ مارجي ويل پرڏيهين جو انگ گذريل 10 سالن ۾ مارجي ويل پرڏيهين جي تعداد جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، ساڳئي طرح گذريل سال مارجي ويل پرڏيهين جو انگ گذريل 9 سالن جي ڪل تعداد کان وڌيڪ هو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو تہ 2016 جي آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کان پوءِ، انٽيليجنس ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ شروع ڪيو ۽ هڪ پرامن خيبر پختونخوا جي خواب کي پورو ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو تہ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي تہ اڄ دهشتگردي ڪهڙي سببن جي ڪري موجود آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر 5 بنيادي سببن جو بہ ذڪر ڪيو تہ دهشتگردي ڇو ختم نہ ٿي آھي.
خيبرپختونخواھ ۾ دھشتگرديءَ پٺيان سياسي ۽ مجرماڻي ڳٺ جوڙ
ھڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ خيبرپختونخواھ ۾ دھشتگرديءَ پٺيان سياسي ۽ مجرماڻي ڳٺ جوڙ آھي، بدقسمتي سان خيبرپختونخواھ ۾ دھشتگردن ۽ انھن جي سھولتڪارن کي سوچيل سمجھي منصوبي تحت جڳھ ڏني وئي، ڪي پي ۾ گورننس جي کوٽ کي اسان جا جوان پنھنجي رت سان پورو ڪري رھيا آھن.
ھن چيو تہ ماڻھن کي ڪنفيوز ڪيو پيو وڃي تہ دھشتگردي جي مسئلي جو حل ڳالھيون نہ آھن، ٻارن جا مٿا ڪٽي انھن سان فٽ بال کيڏندڙن سان ڳالھيون ڪيون؟ سمورن مسئلن جو حل ڳالھيون ھجن ھا تہ دنيا ۾ جنگيون ئي نہ ٿين ھا.
سنڌ ۽ پنجاب ۾ گورننس قائم آھي: ترجمان پاڪ فوج
ھڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ سنڌ ۽ پنجاب ۾ گورننس قائم آھي، ان ڪري اتي دھشتگردي نہ آھي، سنڌ ۽ پنجاب۾ پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائم ڳٺ جوڙ آپريٽ نہ ٿي رھيو آھي، اتان جي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪم ڪري رھيا آھن، عظيم صوبي خيبرپختونخواھ ۾ دھشتگردي کي ختم ڪرڻ بدران صوبائيت جو رنگ ڏنو پيو وڃي، ان تي سياست ڪئي پئي وڃي، ڇا اھو مجرماڻو فعل نہ آھي.