سنڌ حڪومت ڪي پي مان واپس ٿيل بلٽ پروف گاڏيون ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آھي.
سنڌ جي گھرو کاتي طرفان وفاقي حڪومت گھرو وزارت کي خط لکيو ويو.
گھرو کاتي جي خط ۾ چيو ويو تہ ٻڌڻ ۾ آيو آھي، ڪي پي جي حڪومت بلٽ پروف گاڏيون واپس پئي ڪري.
خط موجب سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي بلٽ پروف گاڏيون اسان کي ڏنيون وڃن.
خط ۾ چيو ويو تہ اھي بلٽ پروف گاڏيون چيني شھرين ۽ ٻين پرڏيھين جي حفاظت لاءِ استعمال ڪيون وينديون.
واضح رھي تہ ڪي پي حڪومت بلٽ پروف گاڏيون ناڪارہ قرار ڏيندي وفاقي حڪومت کي واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو.