پشاور: ڪيڊٽ ڪاليج وانا جي صورتحال جي تازي ويڊيو سامھون اچي وئي آھي، سيڪيورٽي فورسز ڪاليج ۾ موجود سمورن شاگردن ۽ استادن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪري ورتو آھي.
ويڊيو ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران شاگردن کي ريسڪيو ڪندي ڏسي سگھجي ٿو، سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪاليج ۾ موجود سمورن شاگردن ۽ استادن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو ويو آھي.
سيڪيورٽي فورسز موجب ڪيڊٽ ڪاليج تي حملي وقت 525 ڪيڊٽس سميت تقريبن 650 ڄڻا موجود ھئا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آھي تہ آپريشن نھايت احتياط ۽ حڪمت عملي سان جاري آھي، افغان خارجين جي ڪاليج ۾ موجودگي ۽ ڪيڊٽس جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي آپريشن احتياط سان ڪيو پيو وڃي.
سيڪيورٽي موجب آپريشن کي جامع طريقي سان حتمي انجام تائين پھچايو ويندو، آخري خارجي جي مارجڻ تي آپريشن جاري رھندو، سمورن شاگردن ۽ استادن جا حوصلا بلند آھن.
ياد رھي تہ گذريل ڏينھن افغان خارجين ڪاليج جي مک گيٽ سان بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ھئي، ڌماڪي سان ڪاليج جو مک گيٽ ڪري پيو ۽ ويجھي عمارتن کي بہ نقصان پھتو ھو…..