افغانستان مان ڪر کڻندڙ دھشتگردي سموري دنيا جي ملڪن جي سلامتي لاءِ سنگين خطرو بڻجڻ لڳي آھي، ڪينيڊا ۾ دھشتگردي ۾ ملوث ھڪ ٻئي افغان شھري کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
افغان شهري دنيا جي ملڪن ۾ دهشتگرداڻي ڪاررواين ۽ منشيات جي اسمگلنگ جهڙن جھڙن عملن ۾ ملوث آهن۔
افغان رسالي هشت صبح موجب، ڪينيڊا پوليس دهشتگردي جي الزام هيٺ هڪ افغان شخص کي گرفتار ڪيو آهي۔
ڪينيڊين پوليس موجب 26 ورھين جو افغان شهري وليد خان کي ٽورانٽو ۾ دهشتگرد سرگرمين ۽ داعش سان ممڪن لاڳاپن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي، افغان شهري وليد خان تي الزام آهي تہ هن داعش کي مالي وسيلا ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس فراهم ڪيا ۽ قتل جا منصوبا ٺاهڻ ۾ پڻ ملوث رھيو آهي۔
ڪينيڊين پوليس انڪشاف ڪيو آهي تہ افغان شهري وليد خان اڻڄاتل ماڻهن سان گڏ دهشتگردي جا ڏوھ ڪرڻ جي سازش ۾ پڻ ملوث هو۔
ڪينيڊا جي شهر پیل جي ريجنل پوليس آفيسر موجب، گرفتار افغان دهشتگرد وليد خان وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد بہ ھٿ آيو.
رسالي هشت صبح موجب، وليد خان جي گرفتاري کان هڪ ڏينهن اڳ آسٽريا ۾ هڪ افغان پناهگير کي منشيات سان لاڳاپيل ڏوھ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري افغانستان موڪليو ويو هو۔
افغان طالبان رجيم انتظام هيٺ افغانستان ۾ دهشتگردي، سنگين ڏوھ ۽ منشيات جي پيداوار جاري آهي، افغان طالبان جي سرپرستي هيٺ آزاد دهشتگرد گروھ سڄي دنيا لاءِ سنگين چئلينج بڻجي چڪا آهن۔……..