ڪوھاٽ جي علائقي لاچي ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن۔
ڊي پي او ڪوھاٽ شهباز الاهي موجب لاچي واري علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس ۽ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪئي۔
پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهتي تہ دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي ۾ 6 دھشتگرد مارجي ويا
ڊي پي او جو چوڻ آهي تہ مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، جڏھن تہ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي۔
ياد رھي تہ گذريل ڏينهن لڪي مروت ۾ بہ آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا ھئا…