ڪوھاٽ ۾ دھشتگردن جي موبائل تي فائرنگ، ڊي ايس پي ۽ اھلڪارن سميت 7 ڄڻا شھيد

فہرستِ مضامین

ڪوھاٽ جي علائقي شڪر درہ روڊ تي اڻڄاتل ھٿياربند پاران پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي اسد محمود، 6 اھلڪار ۽ ھڪ واٽھڙو شھيد ٿي ويو

واقعي کانپوءِ پوليس علائقي کي گھيري ھيٺ سرچ آپريشن شروع ڪيو آھي، جڏھن تہ 3 زخمي اھلڪارن کي فوري طور ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

وفاقي گھرو وزير محسن نقوي ڪوھاٽ ۾ پوليس گاڏي تي فتنہ الخاورج جي دھشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آھي.

ھن شھيد ٿيل ڊي ايس پي اسد محمود ۽ 3 اھلڪارن کي ڀيٽا پيش  ڪندي سندن وارثن سان تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو آھي.

محسن نوقي چيو تہ ڊي ايس پي اسد محمود ۽ ٽنھي اھلڪارن شھادت ماڻي قوم لاءِ قرباني ڏني.

ھن چيو تہ شھيدن جي قربانين کي ياد رکيو ويندو، ڏک جي ھن گھڙي ۾ شھيد ڊي ايس پي اسد محمود ۽ شھيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آھيون…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں